مون کي ناهي خبر ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي: محمد رضوان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي فرنچائز ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته ڪرڪيٽ سياست نه هئڻ گهرجي، سوشل ميڊيا نه ڏسندو آهيان تنهنڪري خبر ناهي پاڪ-ڀارت وچ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي،
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته اسان جڏهن ويرات ڪوهلي ۽ جو روٽ سان ملندا آهيون ته اسان ڪرڪيٽ فيملي جيان ملندا آهيون، ٻنهي وٽان سکندا آهيون، ڪجهه مشورا اسان به ڏيندا آهيون.
هن چيو ته ڪنڊيشنز ڏسي ٽيم چونڊي ويندي آهي، سڀني ٽيمن اسپنرن جي چونڊ ڪئي، اسان ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي چڪا آهيون، اسان جيڪا ڪرڪيٽ کيڏي ان حساب سان ٻاهر ٿيڻ جا حقدار هئاسين،کوڙ غلطيون ڪيون آهن.