ملير: مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، 4 ڄڻا فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي

Spread the love

 ملير( ڊ ر ) شڪارپور کان ڪراچي طرف ايندڙ تيز رفتار مسافر بس لنڪ روڊ تي سمندري بابا مزار ويجهو بي قابو ٿي کاهيءَ ۾ ڪري پئي،

 جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته روڊ حادثي ۾ 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ عورتون، ٻار ۽ مرد شامل آهن.

فوت ٿيندڙن ۾ عبدالغفور ولد محمد اسماعيل (59 سال)، غلام فريد ولد ياسين (25 سال)، مسمات ڪوثر زال سعيد (35 سال) ۽ غلام سرور ولد محمد علي (30 سال) شامل آهن.

زخمي مسافرن ۾ عبدالغني، محمد افضل، ضمير حسين، سرداراڻي، سنگهار علي، ڪاشف خان، پري زادي، بختاور، نواز علي، مصباح، اويس ۽ ڪنڊيڪٽر سجاد شامل آهن، جن جي عمرن جي حد 5 کان 60 سالن تائين ٻڌائي وئي آهي.

حادثي بعد علائقي واسين ۽ پوليس ۽ ايڌي ڇيپا رضاڪارن جي مدد سان زخمين کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو ۽ معاملي جي جاچ جاري آهي.

مَي 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو