سکر: وڪيل برادري کي خراج تحسين پيش، ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ حصو وٺندڙ وڪيلن کي گلن جا هار ۽ اجرڪ پيش

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ٻٻرلوء ڌرڻي جي لاءِ ڏينهن ھجي يا رات مسلسل ٻارنهن ڏينهن جن وڪيل دوستن پنهنجي حصي جي ڪم ۾ ڪا قصر ڪانه ڇڏي.

انھن جي مان ۾ سکر پريس ڪلب جي فنانس سيڪريٽري لالا شھباز خان پٺاڻ جي طرفان خان فارم ھائوس تي پر وقار تقريب رکي وئي.  تقريب ۾ وڪيلن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي

 کين خراج تحسين پيش ڪندي سکر ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سندر خان چاچڙ، اڳوڻي ڊسٽرڪٽ بارسکر جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي ملاڻو، ايڊووڪيٽ مختيار حسين ڪٽبر انفرميشن سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ بار سکر،  ايڊووڪيٽ فيصل شمس شيخ جوائنٽ سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ بار سکر ،ايڊووڪيٽ جهء ڪمار جوائنٽ سيڪريٽري تعلقا بار روھڙي ايڊووڪيٽ عبدالسلام عباسي کي اجرڪن جا تحفا.

گلن جا هار پارايا ويا.ان موقعي تي لالا شھباز خان پٺاڻ ڳالھائيندي چيو ته ھي وڪيل اسان جا ھيرو آهن جن تڪراري ڪئنالن کي رد ڪرائڻ ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي بچائڻ جي لاءِ مسلسل ٻارنهن ڏينهن تائين ٻٻرلوء باء پاس تي ڌرڻو هڻي حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو.

 جنھن تي پوري سنڌ وڪيل برادري کي سلام پيش ڪري ٿي.ھنن تڪراري ڪئنالن جو منصوبو رد ڪرائي تاريخي فتح حاصل ڪئي آهي تقريب  ۾ خالد ٻانڀڻ، سرفراز ميمڻ، اسلم دايو، نسيم ميمڻ پڻ شريڪ سڪ ڀري ڪچهري آهن.

مَي 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو