سانگهڙ: شاهو واھ جي آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج
سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو شاهو واھ جي پڇهڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف پچھڙي جي آبادگارن جو ٽن ڏينهن دوران ٻيون ڌرڻو حيدرآباد وايا سانگهڙ روڊ بلاڪ سوين گاڏيون بھيجي ويون،
پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا، چور آفيسر هٽايو آبادگارن بچايو جا نعرا هڻبدا رهيا، ان موقعي تي هنن چيو ته گذريل ڇھن مھينن کان پاڻي جو ڊڪ ناھي ڏٺو اسين اڃ وگھي مرڻ تي مجبور آهيون پيئڻ جي لاءِ پاڻي لاءِ به ڪيئن ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڀرڻ وڃون ٿا،
اسان جون زندگيون عذاب ۾ مبتلا آهن، چوپايو مال اڃ وگھي مري پيو ايريگيشن جا آفيسر پاڻي کپايو ٿا چڏين جنهن سبب اسان وٽ پاڻي نٿو پهچي، گذريل ٽن ڏينهن دوران هي ٻيو ڌرڻو آهي آبادگارن مسلسل احتجاج تي لٿل آهن ايريگيشن پاڻي پھچائڻ بجاءِ رڳو پاڻي چوري ڪرائي رهيا آهن،
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جيستائين شاھ واھ جي پڇهڙي واري آبادگارن وٽ پاڻي نٿو پهچي تيستائين هي احتجاج جاري رهندو.
مَي 2, 2025