6 ڪينالز جي تڪراري منصوبي جي خاتمي تي وڪيل برادري جي جدوجهد کي خراج، ڊسٽرڪٽ ڪورٽ بار ۾ تقريب

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) تڪراري 6 ڪينالز خلاف وڪيل برادري جي ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾ ڪامياب جدوجهد ۽ ڪينالز منصوبي جي خاتمي جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ بار ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن جي ميزباني اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن  ميڊم شائسته کوسو ڪئي

 وڪيل برادري کي گلن جا هارپارائي ايوارڊ پيش ڪيا ويا ۽ مٺائي به کارائي وئي ان موقعي تي سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ايڊووڪيٽ شفقت رحيم، جنرل سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ بار سکر  ايڊووڪيٽ سندر چاچڙ ۽ ايڊووڪيٽ آغا صورت خان احمد سميت ٻين وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊم شائسته کوسو خطاب ڪندي چيو ته تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به حق ۽ سچ جي لاءِ ڪا تحريڪ هلائي وئي ان تحريڪ کي الله تعاليٰ طرفان هميشه ڪاميابي ملي آهي

سنڌو درياهه تي 6 ڪينال غلط منصوبا هئا جنهن سان سنڌ جي زراعت مڪمل تباهي جي ڪناري تي پهچي ها اهڙي صورتحال ۾ وڪيل برادري جيڪا تحريڪ هلائي ان جو مثال نه ٿو

 ملي ان موقعي تي ايڊووڪيٽ شفقت رحيم ۽ سندر خان چاچڙ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آھي غيرت مند پٽ پنهنجي ماءُ جو سودو نه ڪندا آهن 6 ڪينال جي خلاف پاڪستان جي وڪيل برادري هڪ پليٽ فارم تي گڏ هئي ته 6 ڪينال جي خاتمي جي نوٽيفڪيشن نڪرڻ تائين وڪيل برادري بيٺل هئي۔

مَي 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو