پهلگام فالس فليگ آپريشن ۾ ”را“ ملوث نڪتي، ڳجهي دستاويز ليڪ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام جي سياحتي ماڳ تي ٿيندڙ فالس فليگ آپريشن ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي ملوث هجڻ جا دستاويزي ثبوت سامهون اچي ويا.
اهي ڳجها مبينا دستاويز ڪشميري تنظيم ٽي آر ايف طرفان جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ را جي پهلگام فالس فليگ آپريشن جي مڪمل رٿابندي موجود آهي.
ليڪ ٿيندڙ دستاويزن ۾ سامهون آيو آهي ته اننت ناگ ضلعي ۾ هڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، ميڊيا کي 36 کان 48 ڪلاڪ اڳ واقعي واري هنڌ متحرڪ ڪيو ويندو ۽ سياحن جي اچ وڃ جي نگراني بهاني فيلڊ آپريٽرز لڳايا ويندا.
ويب سائيٽ تي را دستاويزن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حملي جي ٻه کان چار ڪلاڪن اندر اي آءِ سسٽم تحت شاهدن جا بيان ورتا ويندا، انڌي وڊيوز جي مدد سان واقعي جون تصويرون ٻيهر ٺاهيون وينديون، مرڪزي هيش ٽيگ بدران 200 کان وڌيڪ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان غلط ڄاڻ جي مهم هلائي ويندي.
ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي ته پاڪستان تي الزام لڳائڻ لاءِ ٽرينڊرز کي بنا ڪنٽرول جي پکيڙيو وڃي ۽ بحث جو رُخ ڪشمير تان هٽائي عالمي اسلامي سازشن ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
ويب سائيٽ تي را دستاويزن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آپريشن آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي سفارتي موجودگي ۾ ڪيو ويندو، واقعي کي اڀارڻ لاءِ هي وقت اهم هوندو، شوپيان ۾ متبادل نظام فعال ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت ڳجها دستاويز ليڪ ٿيڻ جي جاچ ڪري رهي آهي، ليڪ ٿيندڙ دستاويزن تي ڪنهن جون صحيحون ناهن.

مَي 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو