ميئر سکربيرسٽر  ارسلان اسلام شيخ جي ليبر ايڊوائزر آغا بشير ترين پاران محنت ڪشن کي مزدور ڏينهن تي ڀيٽا

Spread the love

سکر(  رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ  )سنڌ جي نامور سياسي ۽ سماجي شخصيت، ميئر سکربيرسٽر  ارسلان اسلام شيخ جي ليبر ايڊوائزر آغا بشير ترين مزدور ڏينهن جي موقعي تي ملڪ جي سڀني محنت ڪش مردن ۽ عورتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته مزدور ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهن، جن جي بي لوث محنت سان قوم ترقي ڪري ٿي.

ميئر سکربيرسٽر  ارسلان اسلام شيخ جي ليبر ايڊوائزر آغا بشير ترين

پنهنجي خصوصي پيغام ۾ آغا بشير ترين چيو ته ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ محنت ڪش جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته هر شعبي جي واڌاري پٺيان مزدور جي ڏينهن رات جي محنت شامل آهي، جيڪي بغير ڪنهن اجائي واويلا جي پنهنجو حصو ادا ڪن ٿا.

آغا بشير ترين اسلام جي تعليمات جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلام مزدور جي عظمت کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. حضور پاڪ ﷺ به مزدور جي اجرت پسينو سڪيڻ کان اڳ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪا مزدور جي حقن تي زور ڏئي ٿي.

هن صنعتڪارن، ڪاروباري حلقن ۽ سرڪاري ادارن تي زور ڀريو ته اهي مزدورن جي فلاح، اجرتن ۾ انصاف، ۽ ڪم ڪندڙ ماحول جي حفاظت لاءِ سنجيده اپاءُ وٺن. هن چيو ته مزدور جي عزت، قومي ترقي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي.

آغا بشير ترين زور ڀريو ته اچو ته مزدور ڏينهن جي موقعي تي انصاف، برابري ۽ احترام جا اصول نئين سر اپنائيندي، ملڪ جي هر محنت ڪش کي عزت، تحفظ ۽ حق ڏيون.

پنهنجي بيان جي آخر ۾ آغا بشير ترين چيو ته هو مزدور برادري جي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندو ۽ يقيني بڻائيندو ته انهن جي آواز کي هر فورم تي اجاگر ڪيو وڃي. هن عوام کي به اپيل ڪئي ته اهي محنت ڪشن کي سڄي سال عزت ۽ مڃتا ڏين، ڇاڪاڻ⁠ته اهي ئي قوم جا حقيقي معمار آهن.

مَي 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو