سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن جي تقريب – مزدورن کي اجرڪون اوڍايون ويون، ڏهاڙي ڏني وئي، مسئلن جي حل لاءِ اپيل
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ پريس ڪلب پاران هر سال جيان هن سال به شڪاگو جي مزدور شهيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء مزدورن جي عالمي ڏينهن پهرين مئي تي سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مهمان خاص ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين سيد عذير اختر شاھ شرڪت ڪئي
جڏھن ته هوٽل جي مزدور شير محمد مڱَھار کان صدارت ڪرائي وئي تقريب ۾ شهر جي مزدورن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ کين آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ مختلف شعبن جي مزدورن شرڪت ڪئي. جن کي سڪرنڊ پريس ڪلب پاران اجرڪون اوڍايون ويون جڏھن ته سيد عذير اختر شاھ پاران سمورن مزدورن کي هڪ ڏينهن جي ڏھاڙي ڏني وئي ان موقعي تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر قاضي جاويد سنائي آيل مھمانن کي آجياڻو پيش ڪيو.
جڏھن ته سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر مير محمد ڪيريو ۽ جنرل سيڪريٽري غلام حيدر.سولنگي الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته سماج ۾ مزدور جو اهم ڪردار آهي جيڪڏھن مزدور نه هجي ته سماج اڻپورو آهي.
مهمان خاص سيد عذير اختر شاھ ڳالهائيندي چيو ته سڪرنڊ پريس ڪلب کيرون لهڻي جنهن سماج جي ان طبقي کي مان ڏنو آهي جنهن کي بظاهر هيٺيون طبقو چيو وڃي ٿو پر اصل ۾ اهي ئي مزدور آهن جيڪي سماج کي هلائين تا آخر ۾ مزدور شير محمد مڱڻھار صدارتي خطاب ڪندي چيو ته اسان مزدوريءَ کي عيب نٿا سمجهون پر افسوس جو سرڪار ۽ نجين سيٺين پاران مزدورن کي نه ته اهو اُجورو ڏنو ٿو وڃي
نڪو وري جديد دور جون سهولتون ان ڪري اسين اڄوڪي ڏينهن تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي پليٽ فارم تان واڳ ڌڻين کي اپيل ڪنداسين ته اسان جي مسئلن تي ڌيان ڏين. تقريب ۾ حيدر خانزاده ، نانا خاصخيلي ۽ مرتضيٰ مير پڻ شرڪت ان موقعي تي جن مزدورن کي مڃتا ڏني وئي انهن ۾ ڪامران قريشي ، غلام حيدر ڪيريو ، محمد عمر جمالي ، جميل مغل ، احسن ٺڪر ، زين ڀٽي ، مير ڪيريو ، ساگر اوڏ فيض محمد جمالي شامل هئا.
مَي 1, 2025