دادو : ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق دادو ۾ بجلي جي بدترين صورتحال تي احتجاج جو نوٽيس وٺي سيپڪو خلاف قدم کنيا، وزير انرجي کي شڪايت، رليف جي هدايتون جاري

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) پ پ پ ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق دادو ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ واڌو بل، بغير پئسن جي خراب ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ بابت دادو جي واپاري برادري ۽ شھرين جي احتجاج جو نوٽيس ورتو. ايم پي اي دادو بئريسٽر پيرمجيب الحق جي صوبائي وزير انرجي توانائي سنڌ سيد ناصر حسين سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ايم پي اي دادو صوبائي وزير کي شڪايت ڪندي چيو ته دادو ۾ سيپڪو عملدارن گرمي ايندي ئي شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي

 دادو ۾ بجلي جو ڄڻ نالو نشان ئي نه آهي، ٻھراڙي وارا علائقا تہ اونداھ جي ور ڇڙھيل آھن، پر ھاڻي تہ شهر ۾ بہ تقريبن 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ آھي، جنھن ڪري دادو جا شھري پريشان آھن ڪوبہ ماڻھون سک جي ننڊ نٿو سمھي سگھي، دادو جي واپار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي،

رات جو اونداھي جي ڪري شھر جي امن امان جي حالت انتھائي خراب ٿي چڪي آھي، بجلي جي اڻ اعلانيل بندش جي ڪري شھري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن ۽  سٽي فيڊر ۽ ٻين سڀني فيڊرن تي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ وڌ کان وڌ آهي، شهري ۽ ڪاروباري ماڻهون هن سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ جي ڪري سراپا احتجاج بڻيل آهن

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ   سي اي او سيپڪو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس دادو لاءِ هدايتون ڪيون ته دادو ۾ هٿرادو لوڊشيٽنگ کي ختم ڪري عوام کي فوري رليف ڏنو وڃي،

ٻئي طرف اي سي سيپڪو دادو بئريسٽر پير مجيب الحق کي ٻڌايو ته دادو شھرجي شاهي بازار، اسٽيشن روڊ ۽ شهر جي ٻين علائقن کي ايڪسپريس فيڊر ڪرڻ جي لاءِ پروپوزل جمع ڪرايو ويو آھي جيڪو جلد منظور ٿي ويندو، جنھن بعد شهر اندر صرف 6 ڪلاڪ بجلي بند رهندي،

مَي 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو