ٽريڪٽر ٽرالي کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب 4 پورهيت فوت، ڪيترائي زخمي

Spread the love

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي ضلعي غنچ ۾ هڪ ٽريڪٽر ٽرالي اونهي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سنڌو 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب غنچ جي علائقي گلشن ڪبير ۾ هڪ تعميراتي منصوبي تي ڪم ڪندڙ پورهيت ٽريڪٽر ٽرالي تي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.
ڊرائيور گاڏي تي ضابطو نه رکي سگهيو ۽ ٽريڪٽر ٽرالي تقريبن 150 کان 200 فوٽ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سوڌو 4 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا.

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو