ميئر سکر جي ليبر صلاحڪار آغا بشير ترين جي نئين آفيس جو افتتاح

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ  ) ميئر سکر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ جي ليبر بابت صلاحڪار آغا بشير ترين جي نئين آفيس جو شاندار افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي مختلف ادارن جا سينيئر آفيسر ۽ معزز مهمان شريڪ ٿيا.

افتتاحي تقريب دوران ربن ڪاٽڻ واري رسم سينيئر آفيسر عابد علي انصاري، ايڪسئين نعمان ڪلهوڙو، وائيس چيئرمين علي حسن ميراني، ڊائريڪٽر ٽيڪسز خالد حسين جتوئي، ايڪسئين فواد بوبڪ، آفيس سپرنٽنڊنٽ اسلام الدين شيخ ۽ ٻين آفيسرن ادا ڪئي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن آغا بشير ترين کي آفيس جي افتتاح تي واڌايون ڏنيون ۽ سندس لاءِ نيڪ تمنائون ظاهر ڪيون.

ان موقعي تي خطاب ڪندي مختلف آفيسرن آغا ترين جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته هو محنت ڪش طبقي جي حقن لاءِ سرگرم رهيو آهي. هنن اميد ظاهر ڪئي ته آغا صاحب جي نئين آفيس جي قيام سان مزدورن جا مسئلا وڌيڪ بهتر طريقي سان حل ٿي سگهندا.

آغا بشير ترين خطاب ڪندي چيو ته آفيس جو قيام محنت ڪشن جي بهبود ۽ سندن حقن جي تحفظ ڏانهن اهم قدم آهي. هن چيو ته ميئر سکر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ هو محنت ڪش طبقي جي فلاح لاءِ عملي قدم کڻندو.

هن وڌيڪ چيو ته آفيس محنت ڪشن لاءِ هميشه کليل رهندي جتي سندن مسئلا ٻڌي، فوري حل ڪيا ويندا. هن تعاون ۽ سهڪار جي عزم کي ٻيهر ورجايو ته هو هر فورم تي مزدورن جي نمائندگي ڪندو.

تقريب دعا سان پوري ٿي ۽ مهمانن لاءِ رفريشمينٽ جو انتظام پڻ ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن اميد ظاهر ڪئي ته آغا بشير ترين جي اڳواڻيءَ ۾ محنت ڪشن لاءِ مثبت قدم کنيا ويندا.

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو