لاهور: دڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 5 ڄڻا سڙي فوت

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ دڪان تي سلينڊر ڦاٽڻ سبب 5 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب راوي روڊ تي دڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سان باهه ڀڙڪي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
واقعي جي اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

اپريل 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو