سکر: پيپلز ليبر يونين پاران سوئي سدرن گئس جي آفيسن آڏو احتجاج جو اعلان
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)پيپلز ليبر يونين سوئي سدرن گئس سنڌ بلوچستان جي مزدورن جي حقن کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي، مزدور مفادن لاءِ تمام آفيسن ۾ 2کان 13 مئي تي آفيس ۾ صبح جو ٽوڪن احتجاج جو سلسلو شروع ڪبو مئنيجمينٽ جيڪڏهن چارٽر آف ڊمانڊ ۾پيش ڪيل مطالبن کي منظور نه ڪيو ته ڪراچي هيڊ آفيس اڳيان 14 مئي تي پرامن احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهي سگهي ٿو
اهڙو اعلان پيپلز ليبر يونين سي بي اي سنڌ بلوچستان جي صدر اعجاز بلوچ، چيئرمين اصغر بلوچ، جنرل سيڪريٽري رضوان احمد ملاح، سکر ريجنل سيڪريٽري لا لا سيف الرحمان، خادم حسين شيخ ۽ ٻين سکر ريجن آفيس ۾ احتجاجي جنرل باڊي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو
هنن چيو ته اسان مزدورن جي حقن تان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نه ٿيندا سين جيڪڏهن سوئي سدرن گئس ڪمپنيءَ جي مئنيجمينٽ چارٽر آف ڊيمانڊ ۾پيش ڪيل مطالبا منظور نه ڪيا ته هر ريجن هي سمورين آفيسن ۾ 2 مئي کان 13 مئي تان صبح جو هر آفيس ۾ٽوڪن احتجاج ڪيو ويندو ۽ مئنيجمينٽ چارٽر آف ڊيمانڊ ۾ پيش ڪيل مطالبا منظور نه ڪيا ته مجبور ٿي سنڌ بلوچستان جا مزدور 14 مئي تي سوئي سدرن گئس ڪراچي هيڊ آفيس اڳيان پرامن احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهي سگهي ٿو
اڳواڻن چيو ته آرڊيننس وسيلي بحال ٿيل مزدورن جي سينارٽي پي فڪسيشن جائز مطالبو آهي جنهن تي سپريم ڪورٽ به سندن حق مڃيو آهي ساڳي ريت سالن کان ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ، سن ڪوٽا تي عمل ڪرڻ سميت مزدورن جا جملا جائز مطالبا آهن جن تي سوئي گيس جي مئنيجمينٽ اجايو وقت لڳائي سندن حق تلفي ڪري رهي آهي هن مهانگائي جي دور ۾ محنت ڪش تمام گهڻو پريشان آهن
پر سوئي گيس اختياريون مسلسل ڪن لاٽار کان ڪم وٺي رهي آهي جنهن خلاف آواز بلند ڪيو آهي اڄ دنيا جي مزدورن جو عالمي ڏينهن به آهي اسان پنهنجي حقن لاءِ پرامن جدوجهد ڪري حق حاصل ڪنداسين.سکر(رپورٽ. امداد گل ڪلوڙ)پيپلز ليبر يونين سوئي سدرن گئس سنڌ بلوچستان جي مزدورن جي حقن کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي، مزدور مفادن لاءِ تمام آفيسن ۾ 2کان 13 مئي تي آفيس ۾ صبح جو ٽوڪن احتجاج جو سلسلو شروع ڪبو
مئنيجمينٽ جيڪڏهن چارٽر آف ڊمانڊ ۾پيش ڪيل مطالبن کي منظور نه ڪيو ته ڪراچي هيڊ آفيس اڳيان 14 مئي تي پرامن احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهي سگهي ٿو
اهڙو اعلان پيپلز ليبر يونين سي بي اي سنڌ بلوچستان جي صدر اعجاز بلوچ، چيئرمين اصغر بلوچ، جنرل سيڪريٽري رضوان احمد ملاح، سکر ريجنل سيڪريٽري لا لا سيف الرحمان، خادم حسين شيخ ۽ ٻين سکر ريجن آفيس ۾ احتجاجي جنرل باڊي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو هنن چيو ته اسان مزدورن جي حقن تان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نه ٿيندا سين جيڪڏهن سوئي سدرن گئس ڪمپنيءَ جي مئنيجمينٽ چارٽر آف ڊيمانڊ ۾پيش ڪيل مطالبا منظور نه ڪيا ته هر ريجن هي سمورين آفيسن ۾ 2 مئي کان 13 مئي تان صبح جو هر آفيس ۾ٽوڪن احتجاج ڪيو ويندو
۽ مئنيجمينٽ چارٽر آف ڊيمانڊ ۾ پيش ڪيل مطالبا منظور نه ڪيا ته مجبور ٿي سنڌ بلوچستان جا مزدور 14 مئي تي سوئي سدرن گئس ڪراچي هيڊ آفيس اڳيان پرامن احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهي سگهي ٿو اڳواڻن چيو ته آرڊيننس وسيلي بحال ٿيل مزدورن جي سينارٽي پي فڪسيشن جائز مطالبو آهي
جنهن تي سپريم ڪورٽ به سندن حق مڃيو آهي ساڳي ريت سالن کان ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ، سن ڪوٽا تي عمل ڪرڻ سميت مزدورن جا جملا جائز مطالبا آهن جن تي سوئي گيس جي مئنيجمينٽ اجايو وقت لڳائي سندن حق تلفي ڪري رهي آهي
هن مهانگائي جي دور ۾ محنت ڪش تمام گهڻو پريشان آهن پر سوئي گيس اختياريون مسلسل ڪن لاٽار کان ڪم وٺي رهي آهي جنهن خلاف آواز بلند ڪيو آهي اڄ دنيا جي مزدورن جو عالمي ڏينهن به آهي اسان پنهنجي حقن لاءِ پرامن جدوجهد ڪري حق حاصل ڪنداسين.
اپريل 30, 2025