سکر: زاهد شاهه بخاري پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن تي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر هائوس پ پ اڳواڻ سيد زاهد شاھ بخاري شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪندي چيو آھي ته شڪاگو جي مزدورن پنهنجي رت سان تاريخ رقم ڪئي
انهن شھيد مزدورن کي هر سال پهرين مئي تي پاڪستان سميت دنيا ۾ ڀيٽا پيش ڪئي وڃيٿي پهرين مئي کي سرڪاري طور ليبر ڊي طور ملهايو ويندو آھي 1886 ۾ شڪاگو جي مزدورن پنهنجي حقن لاء آواز بلند ڪيو ته سرمائيدار طبقي کين رت سان وهنجاري شڪاگو جي رستن کي ڳاڙھو ڪري ڇڏيو اڄ ڳاڙھو رنگ مزدور جي سڃاڻپ بڻيل آھي يوم مئي جي سلسلي ۾ مزدورن کي ڏنل پيغام ۾ سيد زاهد شاھ بخاري وڌيڪ چيو ته مزدور الله جو دوست آھي
جڏهن ته حضرت محمد مصطفي پڻ فرمايو آھي ته مزدور کي پورهئي جي رقم ان جو پگهر خشڪ ٿيڻ کان اڳ ڏني وڃي پورهيت ملڪ جي معيشت جي مظبوطي ۽ معيشت جي ڦيٿي کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪريٿو۔زاهد شاھ بخاري جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اڪستان پيپلز پارٽي جو مزدورن کي سندن جو جائز مقام ۽ حق ڏيارڻ ۾ وڏو ڪردار آھي
باني پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو مزدورن کي رهائشي ڪالونين سميت روزگار ۽ جائز مقام ڏنو جنهن تي پ پ اڄ به قائم آھي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي مزدورن لاء مزدور ڪارڊ ڏنا جنهن سان پورهيت پنهجي خاندان جو مفت علاج ۽ راشن خريد ڪري ٿو پ پ چيئرمين هميشه مزدورن جي ڀلائي لاء ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آھن۔
اپريل 30, 2025