ڪئنالن واري معاملي تي صدر مٿان الزام مڙهيا ويا، بلاول وزيراعظم سان ملي تڪراري مسئلو حل ڪرايو: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪينالن واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو عجيب آهن، ڪئنالن واري رٿا سان صدر جو ڪو واسطو نه هو، پر پوءِ به مٿس الزام مڙهيا ويا.
ڪراچي ايئرپورٽ تي عوام کي خطاب ڪندي هن چيو ته 2 مئي تي اجلاس رٿيل هو، پر زرداري صاحب چيو ته اجلاس جلد سڏايو وڃي.
وڏي وزير چيو ته الله تعاليٰ جي مدد ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي رهنمائي، پيپلز پارٽي ۽ عوام جي طاقت سان فتح ملي ۽ مان سنڌ سميت پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو.
مراد علي شاهه چيو ته مان وفاقي حڪومت جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن هن معاملي ۾ حق جو فيصلو ڏنو.
هن چيو ته گڏيل اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو به ڪئنال نٿو ٺهي سگهي، هي ماڻهو اصل مسئلي تي ڳالهائيندا ئي ناهن.
وڏي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته صوبن ۾ تڪرار پيدا ٿئي ۽ عوام گمراهه ٿئي، پر سنڌ حڪومت تڪراري ڪئنالن تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي نگران حڪومت ۾ ٿيندڙ غلط فيصلن کي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته جڏهن کان هي تڪراري مسئلو شروع ڪيو ويو اسان تڏهن کان ان جي مخالفت ڪئي آهي، بلاول ڀٽو شهباز شريف سان ملاقات ڪري تڪراري مسئلو حل ڪرايو. ۽ مان پنهنجي ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد ۽ يقين ڪيو.