ٻارن سان سلهاڙيلَ ڪجھه ساٺَ ۽ سنوَڻَ
ياسر قاضي
ڪنهن به گھر ۾ هڪ ٻارَ جو ڄمڻ هڪ نئين داستان جو جنم هوندو آهي، جيڪو اڳتي هلي پاڻ سان گڏ پوري زندگي هڪ ئي نه پر اڻ ڳڻيا افسانا اُڻندو. ان جي صحيح نشونما ۽ پرورش، سماج کي هڪ صحتمند فرد جي فراهميءَ لاءِ هر والدين ۽ ان سان سلهاڙيل گھر ڀاتين جو فرض آهي. ٻارَ هر دؤر جيان اڄ به لاڏَ ڪوڏَ سان پاليا وڃن ٿا، پر اڳ ٻار جي پرورش ۾ اسانجي سنڌي سماج ۾ جيڪي ريتون، رسمون رائج هيون ۽ سندس بيماريءَ جي صورت ۾ جن ديسي ٽوٽڪن جو استعمال ڪيو ويندو هو، اهي اسان وٽان تقريباً ناپيد ٿي چڪيون آهن. اچو ته انهن ساٺَن ۽ ريتن مان ڪجھه جو ذڪر ڪري پنهنجو يا پاڻ کان اڳ وارن نسلن جو ماضي ياد ڪريون ته اهي ٻارَ ڪيئن پَلندا هئا:
ڇَٺيءَ جا سَڳڙا: اها ته لڳ ڀڳ هر سنڌي گھر جي اڄ به روايت آهي ته ٻار جي پئدائش جي ڇهين ڏينهن ’ڇٺيءَ‘ جِي رسم ادا ڪري، ٻارَ جو نالو رکيو ويندو آهي ۽ مِٽن مائٽن ۾ ٻار جي ان نالي جو اعلان ڪيو ويندو آهي ته ٻارَ جو نالو فلاڻو رکيو ويو آهي. ان موقعي تي ٻارن کي ’ٻانهُوٽا‘ پارائي سَڳا به ٻڌا ويندا آهن. عجيب ڳالهه اها آهي ته ٻار کي پارائجندڙ انهن سڳڙن جو تعداد مقرر آهي ۽ جنس آڌار اهو تعداد مختلف آهي. جيڪڏهن اولاد نياڻيءَ جو اهي ته ان کي اسانجي سنڌي سماج ۾ 4 سڳڙا ٻَڌا ويندا آهن، جڏهن ته جيڪڏهن ٻار ڇوڪرو آهي ته ان کي هڪ گھٽ (3 عدد) سڳڙا ٻڌا ويندا آهن. ڇوڪريءَ کي ٻن هٿن جي ڪرايُن ۽ ٻن پيرن ۾ هڪ هڪ سڳڙو ٻَڌي 4 جو تعداد پورو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڇوڪري کي ٻنهي ڪَراين ۾ ته سڳڙا ٻڌبا آهن، پر کاٻي پيرَ ۾ سڳڙو ڪونهي ٻڌبو. فقط سندس ساڄي پير ۾ ٻَڌبو آهي. ان جي پويان ڪهڙو منطق آهي، اهو پڇڻ باوجود به معلوم نه ٿي سگھي. خود سڳڙا پارائڻ / ٻَڌڻ واري رسم پٺيان ڪهڙو منطق آهي، اهو به معلوم ناهي. البته ڪن بزرگن جو چوڻ آهي ته ڪارا سَڳا ٻار کي بدنظر کان بچائڻ طور ٻڌبا آهن ۽ ڪن جو اهو چوڻ آهي ته اهي سڳڙا خانداني ۽ سماجي اخلاقي قدرن جي استعاري طور ٻَڌا ويندا آهن، ته جيئن اهو ٻار انهن سان سلهاڙيل رهي ۽ پوري زندگي انهن اخلاقي قدرن جي پاسداري ڪندو رهي.
ماکي چَٽائڻ: نئين ڄاول ٻار کي شروع واري ڪلاڪ اندر ئي آڱر جي چوٽيءَ تي ماکيءَ ذري رکي چٽائڻ جي ريت به سنڌ ۾ صديون پراڻي آهي. ڪن بزرگ عورتن بقول ته ٻار کي اها ماکي ماءُ جي پهرين کير کان به اڳ چٽائبي آهي ته جيئن هن دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ هُو پهريون سواد مِٺو چکي.
دُڪو: نئين ڄاولَ ٻار کي ماءُ جي کير سان گڏ، وڌيڪ طاقت لاءِ روزانو وڏي چَڻي جيتري (اندازي موجب هڪ تولي جيتري) مکڻ ذرِي کارائبي آهي. جنهن کي ’دُڪو‘ چئبو آهي. ڪي مائرون پهريان ٻه مهينا ٻارن کي دُڪو پيئارين، ڪي چار مهينا، ته ڪي سال تائين اهو عمل جاري رکنديون آهن. هُونئن بنيادي طور ’دُڪو‘ سنسڪرت جو لفظ آهي، جيڪو هاڻي مڪمل طور سنڌي ٻولي پنهنجائي چُڪي آهي، جيڪو تور جو هڪ ماپو يا پيمانو آهي. وزن جي هڪ انداز تولي يا 12 ماسن کي ’دُڪو‘ چئبو آهي. ڀٽائيءَ به ”تن جو صرافن، دُڪو ئي داخل نه ڪيو“ جو ذڪر ڪيو آهي، پر اهو وزن جو پئمانو ’دُڪو‘ لفظ جڏهن نئين ڄاول ٻار لاءِ استعمال ٿيندو آهي، تڏهن ان جو مفهوم اهو ئي هوندو آهي، ته تولي جيترو مَکَڻ، جيڪو روزانو ننڍڙي ٻار کي کارائجي.
سُتي: ٻار کي ڇٺيءَ يا ايڪيهي (سندس پيدائش جي 21 ڏينهن) کانپوءِ کان وٺي هڪ سال جي عمر تائين مختلف وَکرن جي ميلاپ سان ٺهيل سُتي ڏبي آهي، جيڪا احتياطي دوا هوندي آهي ته جيئن ٻار کي ڇاتيءَ جو مسئلو نه ٿئي، پيٽ خراب نه ٿئيس ۽ هُو قبضي وغيره کان بچيل رهي. هونئن لسانياتي لحاظ کان ’سُتي‘ لفظ به دوا جي هڪ مخصوص وزن کي چئبو آهي. سُتي ٺاهڻ ۾، اَهُو ٻيرَ، وڏا هرِيڙَ، ڦُودني جا پنَ، گلابَ جُون پنکڙيون، وڏفَ (سونف)، ڇمڪڻي (ڪاري رنگَ جو ونگيءَ جهڙو ۽ جيترو وکر)، مٺي ڪاٺي، صحت پاپڙي، انجير، ڪاري ڊاکَ ۽ پنير جهڙا وکرَ ڪم ايندا آهن، جن جو مخصوص مقدار پاڻ ۾ ملائي ان کي پچائي اها پاڻياٺ جي صورت ۾ ڪنهن شيشيءَ يا ٿانوَ ۾ ڀري رکبي آهي ۽ ان کي روز هڪ چانهه جي چمچي جيتري وزن ۾ ٻار کي پيئاربو آهي. هاڻي ته پنسارين جي دوڪان تي انهن سڀني جڙين ٻوٽين مان ٺهيلَ سُتي اڳواٽ تيار ٿيل به ملندي آهي، جنهن کي رڳو گھر آڻي پَچائڻ ۽ ٻار کي ڏيڻَ جِي ضرورت هوندي آهي. پر ڪن مائرن جو خيال آهي ته پنسارين وٽ ملندڙ ان سُتيءَ ۾ ڪي اجزاء پورا ناهن هوندا ۽ ڪي وَکرَ کُٽلَ به هوندا آهن، انڪري بهتر آهي ته ماڻهو پاڻ اهي وکر وٺي سُتي ٺاهي. سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ توهمات آڌار اها سُتي ٻار کي سواءِ جمعي جي باقي روزانو هر ڏينهن تي ڏبي آهي. ان سوال جو جواب ڳولڻ جي باوجود نه ملي سگھيو ته آخر سُتي جمعي ڏينهن ڇو نه ڏجي! جنهن کان به پُڇيم ته انهن اهو ٻڌايو ته ”بس! وڏڙين پاران جھليل آهي ته ٻار کي جمعي ڏينهن سُتي ناهي ڏبي!“ ظاهر آهي ته ان جي پٺيان جيڪو به سبب هوندو، ان بابت قوي امڪان آهي ته اهو وسوسي آڌار هوندو.
ننڍا ڦوٽا: مختلف امڪاني بيمارين کان بچاءَ لاءِ ۽ ٻار کي مجموعي طور تي چاق و چوبند رکڻ لاءِ ننڍن ڦوٽن جا گورا ڪڍي، ان کي مهٽي سياري ۾ کير سان ۽ اونهاري ۾ عام پاڻيءَ سان ڏنا ويندا آهن. هي عمل به ڇٺيءَ کانپوءِ سال کن تائين ڪيو ويندو آهي. ڪي مائرون فقط ٻه ٽي مهينا اها ’سپليمينٽ‘ جاري رکنديون آهن. اڳي جون بزرگ عورتون ان دوا کي ٻار کي ٽن چئن سالن تائين پيئارڻ تي زور ڏينديون هيون.
ڪاڪڙو کڻڻ: ڪَلِيُن يا ڪاڪڙي ڪِري پوڻ جي صورت ۾ مختلف طريقن سان ساٺَ ڪري ان جو تدارڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ٽن مهينن کان وڏي ٻار جي ڪاڪڙي ڪِرڻَ جي هڪ نشاني ان جي مٿي (تارُونءَ) ۾ هلڪي جنبش (Vibration) جو هجڻ به هوندو آهي، جنهن مان مائرون سمجھندي وينديون آهن ته ٻار جو ڪاڪڙو ڪِرِي پيو آهي. ان جي پهرين ۽ ترت علاج تحت ٻار جي وات ۾ آڱر وجھي ڪاڪڙي تائين آڻي، ان ڪاڪڙي کي مٿي چاڙهي ڇڏبو آهي، جنهن عملَ کي ”ڪاڪڙو کڻڻ“ چئبو آهي. ڪي مائرون ان عمل کي خالي آڱر سان ڪنديون آهن ته ڪي سُڪل ڦُودني جي چُوري (پائوڊر) سان ڪنديون آهن، جيڪو ڪاڪڙي کي لڳڻ سان ٻارَ کي افاقو ٿيندو آهي. پر اڄڪلهه جراثيم جي ڦهلاءَ کان بچڻ جي احتياط تحت ڪنهن جي به آڱر کي ٻار جي وات ۾ وجھڻ واري عمل کي معيوب سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو احتياط ٻار جِي صحت لاءِ ٺيڪ به آهي. سُڪل ڦُودني سان ڪاڪڙي کڻڻ واري عمل کي ٽن ڏينهن تائين ورجائڻ جو رواج عام آهي (توڻي ڪاڪڙو هڪ دفعي سان ئي ٺيڪ ٿي وڃي، تڏهن به!) ۽ 3 ڏينهن تائين اهو عمل سج اڀرڻ ويل ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. ٻار ٿورو وڏڙو ٿيندو آهي ته ان جي ڪاڪڙي ڪِرَڻَ جي صورت ۾ ان کي ڪنهن پنساريءَ يا ڊاڪٽر کان ’ٻوڙو‘ هَڻائبو آهي، جيڪي ڪپهه ۾ گليسرين هڻي ڪنهن ڪاٺيءَ جي هڪ ڇيڙي تي اها ڪپهه ٻَڌي، ٻار جو ڪاڪڙو کڻندا آهن. وڏن جيان ٻار کي بخار ٿيڻ جي صورت ۾ به ڪپهه اسپريڊ ۾ ٻوڙي ڪَڇَن ۾ (بغل جي هيٺان) ڪجھه دير رکڻ سان بخار ٽٽي پوندو آهي.
مسلسل دستن جو علاج: ٻار کي مسلسل دستَ هجن ۽ اهي ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺن، ته ان صورت ۾ سُڪي ڊَهَه کي به وڏڙين پاران نهايت مفيد ٻڌايو ويو آهي، جنهن جي کارائڻ سان ٻار جي پيچش ۽ دستَ ختم ٿيو وڃن.
هن جديد دؤر ۾ جتي اسان پنهنجن اخلاقي ۽ ٻين مثبت سماجي قدرن کان ئي منهن موڙيندا پيا وڃون، اتي ٻار جي تربيت ۾ انهن آيورويدڪ (Organic) شين جو استعمال به ذري گھٽ خواب ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ اڃا به ڪن ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ انهن ساٺَن ۽ سنوَڻَن جو استعمال رائج آهي، پر اسان مان اڪثريت هزارين روپين جي ايلوپيٿڪ ضروري غير ضروري دوائن سان ته ٻار کي درپيش صحت جي مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهيون، پر پنهنجي ديسي علاج يا احتياط جي طريقن کي نه اهميت ڏيندا آهيون ۽ نه ئي ان بابت ڪا ڄاڻ ئي هاڻي رهي آهي. انڪري هن دؤر ۾ انهن ٽوٽڪن جو ذڪر ڄڻ ته ڪنهن فساني جو بيان ٿو لڳي. پر ياد رهي ته اهي علاجَ، ٽوٽڪا ۽ رسمون ڪنهن هڪ فرد جي ايجاد ناهن، پر صدين جي لوڪ ڏاهپَ جو ثمر آهن.
اپريل 29, 2025