موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽان 70 ڪروڙ ڊالر ملڻ جا امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) طرفان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي اٽڪل 70 ڪروڙ ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف اختيارين موجب، ايگزيڪٽيو بورڊ جو اجلاس نوَ مئي تي ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان کي قرض پروگرام جي اڳئين قسط جاري ڪرڻ بابت وفد جي سفارشن جو جائزو ورتو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايگزيڪٽيو بورڊ طرفان سفارشن جي منظوري جي صورت ۾ اڳئين قسط جي رقم 12 مئي تائين پاڪستان کي ملي ويندي.
آءِ ايم ايف اختيارين موجب، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ رقم جي پهرين قسط جاري ڪرڻ جي منظوري بابت به اجلاس ۾ ويچاريو ويندو.
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن موسمياتي تبديلي لاءِ رقم منظور ٿي ته پاڪستان کي اٽڪل 70 ڪروڙ ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ وفد آءِ ايم ايف پروگرام تحت پاڪستان کي اڳئين قسط تحت هڪ ڏهائي هڪ ڊالر ڏيڻ جي سفارش ڪئي هئي.