ماءُ هندو ۽ پيءُ مسيح هئڻ باوجود ديا مرزا جو نالو مسلمانن جهڙو ڇو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا دِيا مرزا جي زندگيءَ جا ڪيئي پهلو عام ماڻهن توڙي سندس چاهيندڙن جي نظر کان اوجهل رهيا آهن جن ۾ سندس خانداني پس منظر ۽ ذاتي جدوجهد به شامل آهي.
ويجهڙاداڪارا ديا مرزا هڪ انٽرويوءَ ۾ پنهنجي فلمي سفر ۽ ذاتي زندگي جي لاهن چاڙهن بابت تفصيلي ويچار ونڊيا آهن.
انٽرويو دوران اداڪارا جو چوڻ هو ته سندس اصل نالو ” ديا هينڊرچ “ هو جيڪو سندس جرمن پيءُ فرينگ هينڊرچ سان منسوب هو.
ديا مرزا جي ماءُ ديپا هڪ بنگالڻ انٽيريئر ڊيزائنر آهي، والدين ۾ عليحدگي کانپوءِ سندس ماءُ حيدرآبادي مسلمان احمد مرزا سان شادي ڪئي جنهن ديا کي پنهنجي ڌيءُ جيان نپايو.
ديا مرزا جو چوڻ هو ته هوءَ نون ورهين جي هئي جڏهن ته سندس سڳو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس ويڳي پيءُ احمد مرزا سندس زندگيءَ ۾ پيءُ جو ڪردار ادا ڪيو.
اداڪارا موجب، هن جڏهن مِس انڊيا مقابلي ۾ حصو ورتو هو، تڏهن باظابطا طور پنهنجي ويڳي پيءُ جو نالو ” مرزا “ پنهنجي سر نيم طور استعمال ڪيو.
واضح رهي ته ديا مرزا 2001ع ۾ فلم ” رهنا هي تيري دل ۾ “ ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو، ان کانپوءِ هوءَ ڪيئي بلاڪ بسٽر فلمن نظر آئي.
اداڪارا جي ذاتي زندگي به ڪيئي لاهن چاڙهن سان ڀرپور رهي آهي، جنهن ۾ 2019ع پنهنجي مڙس ساحل سنگها سان عليحدگي شامل آهي، پر هوءَ پنهنجي پروفيشنل زندگي ۾ مسلسل ڪاميابيون ماڻي رهي آهي.