ڏاچيءَ جي کير جي پائونڊر جي برآمد، پاڪستان واپار جو نئون دڳ کولي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چين کي ڏاچي جي کير جي پائونڊر جي پهرين کيپ برآمد ڪري نئين واپار جو دڳ کولي ڇڏيو.
ان حوالي سان ٿيندڙ تقريب ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين خاص مهمان طور شريڪ ٿيو.
راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان جي ڊيري شين کي عالمي مارڪيٽن ۾ نوان رستا ملي رهيا آهن، ڏاچي جي کير جي پائوڊر جي برآمد سان ملڪي معيشت ۾ واڌ ٿيندي.
هن چيو ته پاڪستاني ڪمپني ”اي ايل سي بائيو ٽيڪنالاجي“ چين جي ٻن وڏين ڪمپنين سان برآمدي معاهدا به طئي ڪري ورتا آهن، اهي معاهدا ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي ۽ واپاري سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.