پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد مڙس سوڌي گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد ۽ سندس مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
صنم جاويد ۽ سندس مڙس کي گرين ٽائون جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب ٻنهي کي 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته صنم جاويد ۽ سندس مڙس خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل هئا.