” هي دوزخ آهي“ عليزه شاهه سوشل ميڊيا کي الوداع چئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا عليزه شاهه سوشل ميڊيا ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
تڪرارن سبب، خبرن ۾ رهندڙ اداڪارا ۽ ماڊل عليزه شاهه سوشل ميڊيا کان رستا ڌار ڪري ورتا آهن.
ويجهڙ ۾ اداڪارا سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ ٻڌايو ته هوءَ پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد سبب ذهني طور متاثر ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ظاهري طور هوءَ مضبوط نظر اچي ٿي، پر اندروني طور هو ڪيئي مسئلن ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي.
هن واضح ڪيو ته هن ڪڏهن به ڪنهن غير اخلاقي رستي ذريعي شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، ان باوجود مٿس سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ”She Quits“لکي سوشل ميڊيا کي ”دوزخ“ قرار ڏيندي الوداع چوڻ جو اعلان ڪيو ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي موجود پنهنجون هڙئي پوسٽون ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.
عليزه شاهه جي اهڙي فيصلي تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان مختلف قسم جا تبصرا سامهون اچي رهيا آهن.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هي سڀ سستي شهرت حاصل ڪرڻ جو طريقو آهي، هڪ واهپيدار اداڪارا کي مخاطب ڪندي لکيو ته ”جيڪڏهن پوسٽ ڪري ٿي ته ردعمل برداشت ڪرڻ به سک.“