دانش ڪنيريا پهلگام حملي تي ڀارت جي خوشامد ڪرڻ لڳو، شاهد آفريدي تي الزام مڙهي ڇڏيائين

Spread the love

لنڊن (ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ليگ اسپنر دانش ڪنيريا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان مخالف رويو اختيار ڪندي شاهد آفريديءَ تي نوان الزام مڙهيا آهن.
دانش ڪنيريا پاڪستان طرفان کيڏي شهرت ۽ ڪاميابي ماڻي، هاڻي هو پرڏيهه منتقل ٿي چڪو آهي ۽ مختلف موقعن تي پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيندو رهي ٿو.
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سوشل ميڊيا تي هڪ من گهڙت دعويٰ ڪندي چيو ته ”شاهد آفريدي مسلسل انتهاپسنداڻن خيالن جي پيروي ڪري رهيو آهي، هن ماضيءَ ۾ مون کي مذهب بدلائڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ مون سان گڏ ماني کائڻ کان به انڪار ڪيو هو.“
واضح رهي ته شاهد آفريدي تازو پهلگام حملي بابت ڳالهائيندي چيو هو ته ” اتي جيڪڏهن ڦٽاڪو به ڦاٽي ٿو ته ان جو الزام پاڪستان تي مڙهيو ويندو آهي.“
اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ” والاريل ڪشمير ۾ اٺ لک ڀارتي فوج جي موجودگي باوجود اهڙو واقعو ٿيڻ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته توهان نااهل ۽ ڪم چور آهيو، جيڪي ماڻهن کي تحفظ فراهم نه ٿا ڪري سگهو.“

اپريل 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو