”ڀارتي اڳرائيءَ تي پاڪستان جو جواب تاريخ ياد رکندي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڀارت طرفان ڪنهن اڳرائي جي صورت ۾ پاڪستان جو ڀرپور جواب تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.
پنهنجي وڊيو پيغام ۾ طلال چوڌري چيو ته فالس فليگ آپريشن ڀارت کي وائکو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ سڄي دنيا کي حقيقت جي خبر پئجي وئي آهي، پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت مسلمانن جا گهر ڪيرائڻ ۽ جعلي مقابلن ۾ ڪشميرين کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته ٻه قومي نظريي جو هر لفظ وقت گذرڻ سان درست ثابت ٿي رهيو آهي، ڇو ته ڀارت ۾ مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي مودي سرڪار جي ڀڀڪي آهي، عملي طور ڀارت هڪ ڦڙو به نٿو روڪي سگهي، پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي دعويٰ ڪندڙ مودي سرڪار درياهه ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو آهي.