پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران عمران خان تي فائرنگ جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وزيرآباد ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ريلي تي فائرنگ ۽ حملي ڪيس جي جوابدار کي ٻه ڀيرا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 3 نومبر 2022 تي وزيرآباد ۾ ريلي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان تي حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت فيصلو ٻڌائيندي مک جوابدار نويد احمد کي ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن طيب بٽ ۽ وقاص کي بري ڪري ڇڏيو.
عدالت فائرنگ ۾ مارجي ويل معظم کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار نويد کي هڪ ڀيرو عمر قيد جي سزا ٻڌائي ۽ دهشتگردي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي به کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
جوابدار کي 4 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 3 کان 5 سالن تائين قيد جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو.