پنجاب جي پهرين صوبائي ايئر لائن ۽ بلٽ ٽرين منصوبي جي منظوري

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پهرين صوبائي ايئر لائن ”ايئر پنجاب“ ۽ پهرين بلٽ ٽرين جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان موجب خاص اجلاس ۾ وزيراعليٰ ايئر لائن ۽ بلٽ ٽرين منصوبي جي منظوري ڏني.
شروعاتي طور تي ايئر پنجاب جي شروعات اندرون ملڪ اڏامن سان ڪئي ويندي، جڏهن ته هڪ سال کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ اڏامون به شروع ڪيون وينديون.
مريم نواز ايئر لائن لاءِ جديد ترين جهاز ليز تي ڏيڻ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايئر پنجاب کي ملڪ جي بهترين ايئر لائن بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جو به چيو.
بيان موجب بلٽ ٽرين لاهور کان راولپنڊي تائين هلائي ويندي، ان سان سفر جو دورانيو تقريبن هڪ تائين رهجي ويندو.
پاڪستان ريلوي جي ڀائيواري سان تيز ترين بلٽ ٽرين هلائڻ لاءِ مختلف آپشنز جو جائزو ورتو ويو آهي، صوبائي وزير مريم اورنگزيب کي پاڪستان ريلوي سان ڀائيواري جي ذميواري سونپي وئي آهي.
بلٽ ٽرين پراجيڪٽ لاءِ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي آپشن تي به غور ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ پنجاب مان وڌيڪ 6 روٽن تي هاءِ اسپيڊ ٽرين لاءِ پلان طلب ڪيو ويو، لاهور کان شاهدرا ۽ نارووال تائين هاءِ اسپيڊ ٽرين هلائي ويندي، لاهور کان رائيونڊ، قصور، پاڪپتن کان لوڌران تائين هاءِ اسپيڊ هلندي.
قلعي شيخوپورا، جڙانوالا کان شورڪوٽ ۽ شورڪوٽ کان جهنگ ۽ جهنگ کان سرگوڌي تائين به بلٽ ٽرين هلائي ويندي، لالا موسيٰ کان سرگوڌي رستي ملڪوال ۽ فيصل آباد کان چڪ جهمرا ۽ شاهين آباد تائين هاءِ اسپيڊ ٽرين جو روٽ هوندو.
مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ لاهور يلو لائن ۽ ماس ٽرانزٽ لائن گوجرانوالا پراجيڪٽ جو به جائزو ورتو ويو.

اپريل 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو