شادي تان موٽندڙن تي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ اڻڄاتل ماڻهن شادي تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس ويندڙن جي گاڏي تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.
اهو واقعو پشاور جي ڦندو ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو، پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني لڳي ٿو، جوابدارن جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
پوليس ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ عبدالله، طاهر، اسامه، اويس ۽ وقاص شامل آهن، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ ثاقب جي نالي سان ٿي آهي.
پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.