سنڌ جي پاڻي تي قبضي جي ڪوشش: هڪ غير منصفاڻو ۽ غير جمهوري عمل

دعا خان
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي زرخيز زمينن، محنتي هارين ۽ قدرتي وسيلن جي مهرباني سان ڊگهي عرصي تائين زرعي پيداوار ۾ خودڪفيل رهيو آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ناقص پاليسين، حڪومتي لاپرواهي ۽ ڪجهه طاقتور طبقا پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ هن اهم شعبي کي به زبون حاليءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. اڄ صورتحال ايتري خراب ٿي وئي آهي جو بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت عوام جي زندگي کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي.
1973ع جي آئين مطابق رياست جي پهرين ذميواري آهي ته عوام جي جان، مال، عزت ۽ آبروءَ جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ مساوي حق فراهم ڪيا وڃن. پر بدقسمتي سان زميني حقيقتون ان آئيني واعدي جي بلڪل ابتڙ آهن.
ان پس منظر ۾ درياءُ سنڌ مان نيون نهريون ڪڍڻ ۽ سنڌ جو پاڻي پنجاب ڏانهن منتقل ڪرڻ جا منصوبا نه رڳو غير جمهوري ۽ غير آئيني آهن، پر اهي سنڌ جي عوام جي حقن تي سڌو سنئون ڌاڙو آهن. اها صورتحال بلڪل ان وانگر آهي، جيئن بلوچستان جي ماڻهن کي اڄ تائين سوئي گيس جهڙي نعمت کان محروم رکيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اها انهن جي پنهنجي ڌرتيءَ مان نڪتل آهي.
سنڌ جي پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ وڪيلن، واپارين ۽ هارين کي سخت بيچيني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.
اهو به غور جوڳو آهي ته ان عمل مان پنجاب جي عام هارين ۽ عوام کي به ڪو خاص فائدو نه ٿيندو، اصل فائدو ته صرف چند بااثر گروهن کي ٿيندو، جيڪي هميشه قومي وسيلن تي ذاتي مفادن لاءِ قابض رهيا آهن.
ان قسم جون پاليسيون دراصل صوبن جي وچ ۾ بي اعتمادي، نفرت ۽ اختلاف وڌائڻ جو سبب بڻجن ٿيون. جيڪڏهن وقت سر انهن جو تدارڪ نه ڪيو ويو ته اهي اندروني انتشار جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، جيڪو ملڪ جي سلامتي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي.
وقت جي گهرج: شعور ۽ يڪجهتي
اڄ جي دور ۾ سڀني صوبن جي عوام لاءِ ضروري آهي ته پنهنجن حقن جي تحفظ لاءِ هڪ آواز بڻجي جدوجهد ڪن.
اهو تسليم ڪرڻ ضروري آهي ته گذريل 73 سالن کان قومپرستي، لسانيات ۽ فرقيواريت واري سياست اسان جي قومي يڪجهتي کي سخت نقصان پهچايو آهي ۽ ترقي جي رستي ۾ به رڪاوٽون وڌيون آهن.
خوش آئنده ڳالهه اها آهي ته هاڻ عوام ۾ شعور بيدار ٿي رهيو آهي، سازشون بي نقاب ٿي رهيون آهن ۽ قومي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو مطالبو تيزي سان وڌي رهيو آهي.
ملڪ ۽ قوم جي بقا ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهي ته سڀني پاليسين ۾ آئين ۽ جمهوريت جي روح کي سامهون رکيو وڃي. وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ هر قسم جي استحصال ۽ ناانصافي جي خلاف گڏجي جدوجهد ڪئي وڃي.
اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن هڪ به صوبي سان ناانصافي سڄي ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي. صرف هڪ مضبوط، منصفاڻو ۽ مساوات تي ٻڌل نظام ئي پاڪستان کي ترقي ۽ استحڪام جي راهه تي آڻي سگهي ٿو.
اپريل 27, 2025