رتيش ديشمک جي فلم جي شوٽنگ دوران ڊانسر درياهه ۾ ٻڏي فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا رتيش ديشمک جي فلم ”راجا شيواجي“ جي شوٽنگ دوران ڊانسر درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب مراٺي فلم ”راجا شيواجي“ جي شوٽنگ دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 26 ورهين جو ڊانسر سورڀ شرما ستارا درياهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويو.
پوليس موجب ٻڏي ويل ڊانسر جو لاش ٻن ڏينهن کانپوءِ هٿ آيو، اهو واقعو اڱاري ڏينهن فلم جي شوٽنگ کانپوءِ ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪجهه فنڪار ويجهي درياهه ۾ وهنجڻ ويا.