اسڪولن ۾ گرمي جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اسڪولن ۾ گرمي جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو.
سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن خالد نذير وٽو موجب اسڪولن جو موڪلون پهرين جون کان شروع ٿينديون پر جيڪڏهن موسم وڌيڪ شدت اختيار ڪئي ته موجوده شيڊيول تي نظرثاني به ڪري سگهجي ٿي.
هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن گرمي پد ۾ غير معمولي واڌ ٿي ته موڪلون اڳ ۾ به ڏئي سگهجن ٿيون، اهو فيصلو شاگردن، والدين ۽ استادن جي صحت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.