پاڪستاني هوائي حدون بند، ڀارتي جهازن ۾ بحران، نائب صدر جو جهاز به دير جو شڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پاران ڀارت لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي ايئر لائنز کي بحرانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويو.
ڀارتي نائب صدر جي خاص اڏام جيڪا نئين دهليءَ کان اٽلي رواني ٿي، هوائي پابندين جي ڪري دير جو شڪار ٿي ۽ ان کي اڍائي ڪلاڪ ڊگهو رستو اختيار ڪرڻو پيو.
ٽورنٽو، نيويارڪ، لنڊن، ڊنمارڪ، ۽ دمام کان دهلي ايندڙ اڏامن کي به 2 ڪلاڪ وڌيڪ وقت لڳو، جڏهن ته برمنگهم، سان فرانسسڪو، فرينڪفرٽ، ۽ پئرس کان دهلي اچڻ وارين اڏامن کي به 2 ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.
ايمسٽرڊيم ۽ آذربائيجان جي شهر باڪو کان ايندڙ اڏامن کي به 2 ڪلاڪ دير ٿي. ڪيترين ئي ڊگهي وقت واري اڏامن کي ٻين ملڪن جي ايئرپورٽن تي لهڻو پيو.
شارجا کان امرتسر ويندڙ اڏام کي احمد آباد ۾ لاٿو ويو، جڏهن ته ٽورنٽو کان دهلي ايندڙ ايئر انڊيا جي اڏام کي ڊينمارڪ لاٿو ويو.
ابوظهبي ۾ لٿل پئرس ۽ لنڊن جي اڏامون ري فيولنگ کانپوءِ نئين دهلي پهتيون. دهلي کان تبليسي ويندڙ اڏام کي به احمد آباد لاٿو ويو.
الماٽي ۽ تاشقند لاءِ ويندڙ 2 اڏامن کي منسوخ ڪيو ويو، جڏهن ته دبئي امرتسر اڏام اڍائي ڪلاڪ دير سان رواني ٿي.
اپريل 25, 2025