وزيراعظم احتجاج جي شدت کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم طرفان نون ڪينالن جو ڪم روڪرائڻ جي اعلان تي سندس ٿورا مڃيا.
تڪراري ڪينالن جو معاملو سي سي آءِ اجلاس ۾ کڻي وڃڻ جي اعلان کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورائتا آهيون، جنهن اسان جا خدشا ٻڌا ۽ فيصلا ڪيا، وزيراعظم احتجاج جي شدت کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته گڏيل راضپي بنا نون ڪينال نه ٺهندا، اسان ماڻهن جا خدشا ختم ڪري سگهنداسين، ڪالا باغ ڊيم تي ٽن صوبن اعتراض ڪيو ۽ ان تي به گڏيل فيصلو ڪيو ويو، اڄ اسان رڳو ايترو طئي ڪيو آهي ته نوان ڪينال نه ٺهندا.