سي سي آءِ اجلاس ۾ فيصلو ٿيڻ تائين نوان ڪينال نه ٺهندا: وزيراعظم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ديسڪ) وزيراعظم شهباز شريف تڪراري ڪينالن جو منصوبو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃڻ ۽ ٻه مئي تي اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ وفد سان ملاقات کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪينالن جي معاملي تي سنجيدگي سان ڳالهيون ڪيون آهن، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ گڏيل رضامندي تائين ڪينال نه ٺهندا.
هن چيو ته پاڪستان فيڊريشن آهي ۽ ان جون گهرجون آهن، صوبن جا معاملا گڏيل مشاورت ۽ نيڪ نيتي سان طئي ٿيندا، صوبن سان اتفاق بنا منصوبي کي اڳتي نه وڌايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪينالن جو معاملو اسان کي گڏيل رضامندي سان حل ڪرڻ گهرجي، ن ليگ ۽ پ پ جي اڄوڪي گڏجاڻي ۾ گڏيل رضامندي سان فيصلا ٿيا، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٻه مئي تي ٿيندو.

اپريل 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو