اي او بي آءِ پينشنرز لاءِ وڏي خوشخبري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 5131 غلط ماڻهن کي اولڊ ايج بينيفٽ پينشن جي مد ۾ 2 ارب 79 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا.
سيڪريٽري اوورسيز چيو ته پهرين مئي کان پينشن وڌائي ويندي.
جنيد اڪبر جي صدارت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اجلاس ۾ اوورسيز پاڪستاني وزارت جي آڊٽ پيرا جو جائزو ورتو ويو.
اي او بي آءِ اختيارين ٻڌايو ته اي او بي آءِ جي فنڊ جي ماليت 600 ارب رپيا آهي، ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ ڪاروبار آهن، آڊٽ الزام لڳايو آهي ته ملازمن جي عمر ۾ تبديلي ڪري 5000 ماڻهن کي پينشن ڏني وئي آهي.
سيڪريٽري اوورسيز چيو ته هاڻي رڳو سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي پينشن ڪيس کي سيٽل ڪيو ويندو، اي او بي آءِ جي پينشن پهرين مئي کان وڌائي ويندي.
اي او بي آءِ چيئرمين چيو ته هاڻي اسان نادرا جي ڊيٽا کي استعمال ڪري سڃاڻپ ڪارڊ تي پينشن جاري ڪنداسين.
سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزارت جي سيڪريٽري چيو ته اسان کي هڪ مهيني جو وقت ڏيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين.
ڪميٽي وزارت کي ھدايت ڏني ته ھڪ مهيني اندر سڄي معاملي جي انڪوائري ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

اپريل 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو