انجري صائم ايوب کي ڪهڙو فائدو ڏنو؟

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي جي اوپنر صائم ايوب چيو آهي ته انجري کانپوءِ ٻيهر ڪرڪيٽ کيڏڻ تي خوش آهيان، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ منهنجي علاج ۽ ري ريب ۾ ڏاڍي مدد ڪئي.
صحافين سان ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته پنهنجي ڪرڪيٽ کي اڳ کان به وڌيڪ انجواءِ ڪري رهيو آهيان، انجري دوران ناڪاري ڳالهيون نه سوچيون ۽ هاڪاري رهيس، مان ڪڏهن نه سوچيو ته ائين ڇو ٿيو.
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ منهنجي علاج ۽ ري هيب ۾ ڏاڍي مدد ڪئي، انجري مون کي ذهني طور وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته مان قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏڻ لاءِ پرجوش آهيان، هتي ڪرائوڊ گهڻو هوندو آهي، تنهن ڪري کيڏڻ ۾ مزو ايندو.

اپريل 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو