پهلگام واقعي کانپوءِ فواد خان جي بالي ووڊ فلم جي رليز خطري ۾ پئجي وئي

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستاني اداڪار فواد خان جي ڀارتي فلم ”عبير گلال“ جي رليز خطري ۾ پئجي وئي.
فواد خان جي فلم”عبير گلال“ جي رليز هندو انتهاپسندن طرفان شروع کان ئي تڪرار جو شڪار رهي پر ان باوجود فلم جو ٽيزر ۽ گانو به رليز ڪيو ويو.
هاڻ پهلگام واقعي کانپوءِ انڊين فلم اينڊ ٽيلي ويزن ڊائريڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر اشوڪ پنڊت فلم جي رليز جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو قوم خلاف هڪ جنگي ڪارروائي آهي، فنڪارن کي اڳ ۾ قوم جو سوچڻ گهرجي.
ان کانسواءِ فيڊريشن آف ويسٽرن انڊياسين ايمپلائز جي صدر بي اين تيواري به سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته اسان فلم ”عبير گلال“ کي ڀارت ۾ لريز ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ جيڪڏهن فلم رليز ڪئي وئي ته فلم ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اپريل 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو