پاڪستان نازڪ دور مان گذري پيو!
اعجاز ممنائي
هر نئين حڪومت کان ٻڌندا پيا اچون ته پاڪستان نازڪ دور مان گذري پيو۔ ڇا واقعي اهو سچ آهي؟ اڄ جڏهن پاڪستان جي هر صوبي هر ضلعي هر شهر ۽ هر اداري طرف نگاهه ڪيون ته انيڪ مسئلا سامهون اچن ٿا ان جو قصوروار ڪير آهي؟ ڪوبه حڪمران ان جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي۔ گذريل دور ۾ هر ايندڙ حڪمران، ويندڙ حڪمران تي ڏوهه ٿاڦي پنهنجا پاند آزاد ڪرائي ڇڏيندو هو پوءِ وري واري واري سان حڪمراني ڪرڻ لاءِ ”ميثاق جمهوريت“ جو راڳ آلاپيو ويو ۽ ائين ڪرپشن جي الزام تي حڪومتون ڊهنديون ۽ وري ٺهنديون رهيون۔جڏهن ٻئي وڏيون پارٽيون(پي پي ۽ ن ليگ) پاڻ ۾ ڳٺ ڇوڙ کانپوءِ ٿڪجي پيون ته پي۔ٽي۔آءِ کي وارو ڏنو ويو پر ان تي به ساڳيا الزام هڻي وقت کان اڳ گهر ڀيڙو ڪيو ويو ۽ وري ساڳين پارٽين پي ڊي ايم جي نالي تي حڪومت قائم ڪري ورتي آهي ۽ قوم کي ساڳيو ئي سبق پڙهايو پيو وڃي ته هن وقت ملڪ سنگين دور مان گذري رهيو آهي۔ جيڪڏهن تفصيلي جائزو وٺجي ته واقعي ملڪ نازڪ صورتحال گذري رهيو آهي.ڪڏهن دهشتگرديءَ جو مستقل مسئلو، ڪڏهن ججن جو مسئلو، ڪڏهن عمران خان جو معاملو،مٿان وري ٻه نمبري ضمني چونڊون، ڪڏهن آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران ته وري ڪڏهن طالباني افغاني پٺاڻن جا معاملا ملڪ کي نازڪ دور کي هٿي وٺرائي رهيا آهن۔
ٻئي پاسي وري حڪمرانن جي عياشين سبب ملڪ جون معاشي حالتون انتهائي خراب ٿي چڪيون آهن. سياسي عدم استحڪام انتشار پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو انتشار ڏينهون ڏينهن ضابطي کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. مهانگائي عوام جي حالت تمام خراب ڪري ڇڏي آهي. رپئي جي ساک وڏي حد تائين ڪري چڪي آهي. بدامني عروج تي آهي. ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ دهشتگردن ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن۔جيڪي روزانو موقعو وٺي بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي سميت سڄي پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيا آهن. حڪومت بجلي جي اگهن ۾ 56 روپين جي واڌ ڪري ست رپيا گهٽائي عيد جي خوشيء جيان ظهار پئي ڪري ۽ ان کي وڏي ڪاميابي قرار پئي ڏئي۔ ستم ظريفي سان سليب سسٽم ذريعي عوام تي اضافي بار وڌو ويو. بجليءَ جا اگهه اهڙا هئڻ گهرجن جو عام ماڻهو آسانيءَ سان انهن کي پورو ڪري سگهي. اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون ته 200 سيڪڙو وڌيون پر سرڪاري ملازمن لاءِ آءِ ايم ايف سان مشروط ڪيو ويو ۽ مهانگائي جو بار غريب ملازمن ۽ عوام تي وڌو ويو. افسوس جي ڳالهه آهي ته عالمي منڊي ۾ پئٽرول جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي ٿي رهي پر پاڪستان ۾ هر پندرهين ڏينهن اضافو پيو ٿئي جنهنڪري اهو بار به عوام مٿان گهٽجڻ بدران وڌي رهيو آهي. عوام کي ايترو ته تنگ ڪيو پيو وڃي جو حڪومت ۽ عوام ۾ فاصلا وڌندا پيا وڃن. ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو آهي. پاڪستان جيستائين آءِ ايم ايف جي چنگل مان نه نڪرندو تيستائين ترقي نٿو ڪري سگهي. ڏک جي ڳالهه اها آھي ته حڪمران پاڻ کي آءِ ايم ايف جي چنگل مان ڪڍڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن، پر پاڻ وڌيڪ ڦاسائي عياشيون پيا ڪن۔ پرڏيهه ۾ ملڪيون ٺاهڻ ۽ بئنڪ اڪائونٽ ڀرڻ سندن روش رهي آهي. جيتوڻيڪ هر حڪومت دعويٰ ڪندي رهي آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي چنگل مان آزاد ڪرايو ويندو پر سکڻن بيانن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. بظاهر ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو ته حڪمران طبقو گهڻي عرصي کان رياست کي هلائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، انهن جي غلط پاليسين ۽ فيصلن رياست کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن چئجي ته جنرل ضياءُ الحق جنرل پرويز مشرف ۽ جنرل حميد گل جي لاڳو ڪيل ٻٽي پرڏيهي پاليسي دنيا جي بدترين پاليسي هئي ته غلط نه ٿيندو.پاڪستان روس ۽ آمريڪا جھڙن هاٿين جي جنگ ۾ ڏيڏر جيان ٽپو ڏئي پنهنجي تباهيءَ جا بنياد پاڻ رکي ڇڏيا۔ڪجهه وقت اڳ آمريڪا پنھنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو هو ته افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف جنگ ان شروع ڪئي ھئي ۽ پاڪستان کي استعمال ڪيو ھو، جيڪڏهن ان جنگ جي نتيجي ۾ سوويت يونين ٽٽي ويو ته پاڪستان کي ڇا حاصل ٿيو؟ ان جو سمورو فائدو ته آمريڪا کي مليو.
هن وقت پاڪستان اندر اصلاح لاءِ تنقيد ڪرڻ به جرم بڻجي ويو آهي ۽ پيڪا قانون ٺاهي ڳالهائيندڙ جي زبان کي تالو لڳايو ويو آهي۔ دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ته حڪومت جي ڪوتاهين کي سڌارڻ لاءِ سزا مقرر ڪئي وڃي۔ يا ان اصلاحي عمل کي پسند نه ڪيو وڃي.ان عجيب صورتحال پاڪستان جي خودمختياري کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ملڪي حالتن جي خراب ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ نفسياتي مريضن جو تعداد پڻ وڌي رهيو آهي هڪ ماڻهو مشڪل سان زنده رهي ٿو هو ايترو ته لاچار ٿي ويو جو خودڪشي ڪندي به دير نه ٿو ڪري۔آخر غريب ماڻهو ڪاڏي وڃي. بجلي مهانگي، گيس مهانگي، کنڊ مهانگي گيهه مهانگو مطلب روزمره جي استعمال جي هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو گهر جو سودو ۽ ڀاڄي وغيره خريد ڪرن کان عاجز بڻجي رهيا آهن وٽس علاج معالج لاءِ پئسا نه آهن.ڇوته دوائن جي قيمتون پڻ مسلسل وڌي رهيون آهن جنهنڪري عوام مهانگائي ۾ هر روز مرڻ کان وڌيڪ هڪ ڀيرو ئي مرڻ کي ترجيح ڏيئي ٿو۔ آخر ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه تي روئجي؟حڪومت جي بيحسيء تي روئجي يا بک ۽ بيروزگاريء تي روئجي؟ پاڪستان جون حالتون ان حد تائين خراب ٿي چڪيون آهن جو نه ڏينهن جو سڪون ڪري ٿو سگهي ۽ نه رات جو آرام ٿو ڪري سگهي. جڏهن غربت وڌندي آهي ته مسئلا به وڌندا آهن ۽ ماڻهو ڏوهه ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجهندا آهن .چوريون ۽ ڌاڙا معمول بڻجي ويندا آهن. ادارن تان عوام جو اعتماد کڄي ويندو آهي ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳندو آهي علم بجاء جهالت وڌڻ لڳندي آهي۔اهڙين سنگين حالتن ۾ ملڪ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو پيو وڃي۔ خبر ناهي اهو نازڪ ۽ سنگين دور جي مدت ڪڏهن ختم ٿيندي؟ سياستدانن جا پنهنجا مفاد وٺي مزا ماڻيندا پيا وتن پر عام ماڻهو ڏکن ۾ زندگي پيا گذارين۔ ان نازڪ وقت کان بچڻ لاءِ مخلص قيادت ۽ جدوجهد جي بيحد ضرورت آهي۔ائين مهانگائي، سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي حالتن سميت سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا پر ان لاءِ پوري قوم کي جاڳائڻو پوندو. دهشتگردي، مهانگائي، سياسي عدم استحڪام ۽ سمورن مسئلن جو مضبوطيءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو. فيصلي واري جنگ وڙهڻ لاءِ سمورن ادارن کي متحد ٿيڻو پوندو تڏهن پاڪستان نازڪ دور مان نڪري خوشحالي جي دور ۾داخل ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ ڪجهه وقت گهرجي. حڪومت سنجيدگي اختيار ڪري، عوام کي اعتماد ۾ وٺي اڳتي وڌي۔
اپريل 24, 2025