پاڪستاني باڪسر عثمان وزير ڀارتي مخالف کي پهرئين ئي رائونڊ ۾ ڍير ڪري ڇڏيو

بينڪاڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني باڪسر عثمان وزير ويلٽر ويٽ باڪسنگ مقابلي ۾ ڀارتي مخالف ايسورن کي شڪست ڏئي ڇڏي.
بينڪاڪ ۾ ٿيندڙ ويلٽر ويٽ فائيٽ ۾ عثمان وزير پهرئين ئي رائونڊ ۾ ڀارتي باڪسر کي ناڪ آئوٽ ڪيو.
مقابلي جي شروعات عثمان وزير جارحاڻي انداز سان ڪئي ۽ پنهنجي حملن سان ڪنهن به موقعي تي مخالف کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو نه ڏنو.
عثمان وزير جا ٺونشا برداشت نه ڪندي ڀارتي باڪسر پهرئين ئي رائونڊ ۾ رڳو هڪ منٽ 41 سيڪنڊ ئي رنگ ۾ رهي سگهيو ۽ ناڪ آئوٽ ٿي ويو.
عثمان وزير ڪيريئر جي اها 17هين انٽرنيشل فائيٽ کٽي آهي ۽ اهو اڃا تائين ناقابل شڪست آهي.