ٽائيگر شروف جي قتل جي سازش جو ڪوڙو اطلاع ڏيندڙ شخص گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شروف جي قتل جي سازش جي ڪوڙي خبر ڏيندڙ شخص کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ 35 ورهين جي منيش ڪمار سوجيندر سنگهه طور ٿي، جيڪو پنجاب رياست جي علائقي ڪپورٿلا سان واسطو رکي ٿو.
منيش ڪمار ممئبي پوليس جي ڪنٽرول روم ۾ ڪال ڪري دعويٰ ڪئي هئي ته سيڪيورٽي ڪمپني ٽريگ جا ڪجهه ماڻهو ٽائيگر شروف کي قتل ڪرڻ نڪتا آهن، ان مقصد لاءِ کين هٿيار ۽ ٻه لک رپيا به ادا ڪيا ويا آهن.
فون ڪال وصول ٿيندي ئي پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا حرڪت ۾ اچي ويا پر شروعاتي جاچ ۾ اهو اطلاع ڪوڙو نڪتو.
پوليس جاچ کانپوءِ منيش ڪمار کي پنجاب مان گرفتار ڪري ورتو.
پڇا ڳاڇا دوران منيش ڪمار اعتراف ڪيو ته هو ممبئي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم ڪندو هو ۽ ڪمپني طرفان پگهار نه ملڻ تي پلاند وٺڻ جي نيت سان پوليس کي ڪوڙو اطلاع ڏنو.
پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.