خيبر پختونخواهه ۾ ٻه آپريشن، گهربل خارجي رنگ ليڊر سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ ٻه مختلف ڪارروائيون ڪندي انتهائي گهربل خارجي رنگ ليڊر ذبيح الله زڪران سميت 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب 20 ۽ 21 اپريل جي وچين رات خيبر پختونخواهه صوبي ۾ ٻه الڳ الڳ آپريشن ڪيا ويا، جنهن ۾ نتيجي ۾ 6 خارجي مارجي ويا.
خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ضلعي جي علائقي رزمڪ ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران 5 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل هڪ ٻي ڪارروائي ۾ فورسز خارجي رنگ ليڊر ذبيح الله زڪران کي ماري ڇڏيو، جيڪو سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترين ئي سرگرمين کانسواءِ شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو.

اپريل 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو