90 جي ڏهاڪي ۾ ٽيم ۾ بغاوت، راشد لطيف وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر راشد لطيف 1990 ۾ ڪپتان خلاف ٿيندڙ بغاوت ۽ ميچ فڪسنگ جي حوالي سان پردو کڻي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي راشد لطيف چيو ته 1990 دوران زمبابوي خلاف ٽيسٽ ميچن ۾ ڪجهه اهم رانديگر پرفارم نه ڪري رهيا هئا ۽ انهن کي ڊراپ ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ عاقب جاويد ۽ جاويد ميانداد کي ڊراپ ڪيو ويو.
سندس موجب ان کانپوءِ مون کي اسلام آباد مان گهرائي ٻڌايو ويو ته هڪ طرفي طور ڪپتان خلاف بغاوت ٿي رهي آهي ۽ جڏهن مان اتي پهتس ته ان وقت روم ۾ اهي رانديگر به موجود هئا، جيڪي ان وقت ٽيم جو حصو نه هئا، مان ڄاڻي ويو هيس ته اهو غلط ٿي رهيو آهي ۽ ان وقت ڪمري ۾ وڏا رانديگر موجود هئا.
هن چيو ته ان وقت سڀ وقار يونس کي ڪپتان بڻائڻ جو سوچي رهيا هئا پر ان بغاوت کانپوءِ بورڊ سليم ملڪ کي ڪپتان بڻائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڪامياب ترين ڪپتان رهيو.
راشد لطيف چيو ته جيڪو ڪجهه پاڪستان ٽيم سان ماضي ۾ ٿيو، اهو موجوده ڪرڪيٽر برداشت ئي نٿا ڪري سگهن.
ميچ فڪسنگ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان ۾ طاقتور رانديگر سزا کان بچي ويندا آهن، انهن جا سياسي رابطا هوندا آهن، جنهن سبب حڪومت کين بچائي وٺندي آهي.