ڪينال مسئلي تي راڻا ثناءُ الله جو هڪ ڀيرو ٻيهر شرجيل ميمڻ سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن پاڻي مسئلي تي مشاورت جو عمل اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
گفتگو دوران راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان سڀني معاملن کي مشاورت سان حل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، ڪنهن به صوبي جو پاڻي بئي صوبي کي منتقل نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ڪنداسين.
هن چيو ته پاڻي جي ورڇ انتظامي ۽ ٽيڪنيڪي مسئلو آهي، جنهن جو حل به انتظامي ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي ڪيو ويندو، مشاورت جو عمل اڳتي وڌايو ويندو ۽ خدشا ختم ڪيا ويندا.