پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ علائقائي سھڪار جي اھميت

Spread the love

ايوب ملڪ

معاشي ماهرن جو خيال آهي ته جن ملڪن ۾ واپار ترقي نه ڪندو ھجي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري بھ نه ٿي رهي هجي، انهن ملڪن تي  قرض ۾ اضافو ٿيندو رهندو. ياد رکو ته آءِ ايم ايف کي “نئين عالمي مالياتي وزارت” سڏيو ويندو آهي ۽ ان جي قرض جي قيمت هر اهو ماڻهو ادا ڪري رهيو آهي جيڪو حقيقي دولت پيدا ڪري ٿو، يعني مزدور ۽ هاري. ٻئي طرف اسان جو صنعتي شعبو بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ جي ڪري سان جو ملڪ علائقائي ملڪن سان مقابلو ڪرڻ جي قابل به ناهي. انهن حالتن ۾ اسان وٽ صرف هڪ ئي رستو بچي ٿو تھ علائقائي تعاون کي هر قيمت تي اڳتي وڌايو وڃي.

 ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ھندستان  وچ ۾ ٻطرفا واپاري لاڳاپا بحال ٿي وڃن  ته پاڪستان جي برآمدات ۾ 80 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو، جيڪو اٽڪل 25 ارب ڊالرز جي برابر هوندو. تازو، 15 جون 2024 کان 15 نومبر 2024 تائين، نيپال کان چاليهه ميگا واٽ بجلي هندستاني گرڊ ذريعي بنگلاديش کي فراهمي ڪئي وئي آهي، جيڪو نه رڳو توانائي جي شعبي ۾ هڪ اهم معاهدو آهي پر علائقائي تعاون جو هڪ اعليٰ مثال پڻ آهي. ان مثال کي سامھون رکندي بنگلاديش جي عبوري اڳواڻ محمد يونس ڏکڻ ايشيائي گرڊ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي آهي، جنھن ۾ نيپال ۽ ڀوٽان کان پن بجلي حاصل ڪري فوسل فيولز تي انحصار کي گهٽائي سگهجي ٿو. هتي اها ڳالهه گھڻي اھم آھي تھ نواز شريف جي ٻئي دور ۾ هندستان کان بجلي درآمد ڪرڻ جو معاهدو تقريبن مڪمل ٿي چڪو هو، جنهن مان اڄ اسان جون صنعتون فائدو حاصل ڪري رهيون ھجن ھا.

پاڪستان  هر 35 کان 40 لک نوجوانن جو  بار وڌي رھيو آهي، ۽ نئين صنعتن جي کوٽ سبب، انهن کي ڪنهن به حالت ۾ روزگار فراهم نٿو ڪري سگهجي. اڄ  سارڪ ملڪن جي آبادي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ ماڻھن تي ٻڌل آهي ۽ ھي خطو اڃا تائين پنهنجي غريب ماڻهن کي معاشي فائدا پهچائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اڄ، پاڪستان زيور، سرجري جا اوزار، ايٿائل الڪوحل، دواسازي، اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ۽ راندين جو سامان ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ هندستان ۾ انهن جي تمام گهڻي طلب آهي ۽ جاگرافيائي ويجهڙائي جي ڪري، اهي برآمدات پاڪستان لاءِ گهڻيون فائديمند هونديون. پاڪستان کي ھندستان جي کاتن ٽيڪنالوجي جا ماھر يورپ کان اڌ قيمت تي ملي سگھن ٿا.

ٻئي طرف، هندستان ۽ پاڪستان دنيا ۾ ٻيو ۽ پنجون نمبر وڏا ڪپهه پيدا ڪندڙ ملڪ آهن. جيڪڏهن رڳو ان ئي انڊسٽري ۾ اھي ٻئي ملڪ تعاون ڪن ته هن خطي جي صورتحال بدلجي سگهي ٿي. ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ واپار دبئي ذريعي ٿي رهيو آهي، جنھن ڪري پاڪستان جي معيشت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. مثال طور، خيرپور جو هڪ واپاري پنهنجي سڪل کجور دبئي ذريعي هندستان برآمد ڪري ٿو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 40 ڏينهن لڳن ٿا، ان سان کجور جو معيار  متاثر ٿي رھيو آھي. جڏهن ته واگها/اٽاري ذريعي موڪليل سامان يا مال اٺن ڏينهن ۾ هندستان پهچي سگهي ٿو.

عالمي بينڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت  ھڪ رپورٽ موجب، ڏکڻ ايشيائي ملڪن  وچ ۾ امڪاني ٻطرفي واپار جو مقدار 67 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، پر هن وقت اهو صرف 23 ارب ڊالر تائين محدود آهي. 2021 جي عالمي بينڪ جي رپورٽ موجب، جيڪڏهن بنگلاديش ۽ هندستان جي وچ ۾ مڪمل ٽرانزٽ شروع ٿئي ٿي، ته اهو بنگلاديش جي قومي آمدني ۾ 17 سيڪڙو ۽ هندستان جي آمدني ۾ 8 سيڪڙو اضافو ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته 2005 ۽ 2019 جي وچ ۾، بنگلاديش، ڀوٽان، هندستان ۽ نيپال جي وچ ۾ واپار ڇهوڻ  تي وڌي چڪو ھو ۽ وڌيڪ واڌ جي گنجائش موجود آهي. ان رپورٽ موجب، بنگلاديش لاءِ 93 سيڪڙو واڌ جي صلاحيت، هندستان لاءِ 50 سيڪڙو، ۽ نيپال لاءِ 76 سيڪڙو ترقي جا امڪان موجود  آهن. ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار لاءِ ضروري آھي تھ ، ٻئي ملڪ  ڏکڻ ايشيائي آزاد واپاري علائقي (SAFTA) معاهدي تي  ٻيھر عمل درآمد ٻيهر شروع ڪن. جيڪو 2004 ۾ طئي ٿيو هو ۽ جنهن جو مقصد سڄي خطي لاءِ هڪ آزاد واپاري علائقو ٺاهڻ هو. جڏهن ته، هن آزاد واپاري علائقي ۾ مکيه رڪاوٽ ٻنهي پاسن تي “سياسي اٽل ارادي جي کوٽ” آهي.

پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀني کان گھٽ مربوط  ملڪ آهي. جيتوڻيڪ تازو ڪجهه اميد افزا قدم کنيا ويا آهن، جنھن ۾خاص طور تي 15 سالن کان پوءِ بنگلاديش سان واپار جي بحالي سان، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار هڪ ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هندستان ۽ پاڪستان پڻ پنھنجي انا کي ماڻهن جي بهتري لاءِ  دفن ڪري ڇڏين.

اڄ اسان کي سوچڻو پوندو ته سخت سرحدي تڪرارن جي باوجود، هندستان ۽ چين 120 ارب ڊالر جو گڏيل واپار ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي پاسي آمريڪا ۽ چين عالمي غلبي لاءِ وڙھي رھيا آھن ۽ ٽرمپ جي اچڻ بعد کان پوءِ به  ڇڪتاڻ گهٽ نه ٿي آهي، ان جي باوجود، آمريڪا ۽ چين هڪ ٻئي جا سڀ کان وڏا واپاري ڀائيوار آهن. اڄ ان حقيقت کان  ڪو  انڪار نٿو ڪري سگهي ته پنهنجي پاڙيسرين سان امن ۽ ڀائيچاري جو ماحول پيدا ڪرڻ کان سواءِ ٽين دنيا جو ڪو بھ ملڪ  ترقي ڪري نٿو سگهي.

 يورپي قومن بھ  عالمي جنگين جي خوفناڪ تباهي کان پوءِ، امن ۽ هم آهنگي جي ماحول کي  هٿي ڏني جنھن سان انھن جون  سرحدون ئي ختم ٿي ويون  ۽ اڄ اهي رياستون نفرت ۽ جنگ جي حد پار ڪري جديد فلاحي رياست جو ماڊل بڻجي ويون آهن. انهيءَ ڪري اڄ اسان جي اڳواڻن کي سوچڻو پوندو تھ اھي ڪھڙا سببن آھن جو ڏکڻ ايسٽ ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جا ملڪن  وانگر اسان جو خطو علائقائي سھڪار سان مستفيد ڇو نھ ٿو ٿي سگھي.

اپريل 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو