پاڪستان جون ٽيڪسٽائل برآمدون بلند ترين سطح تي پهچي ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جون ٽيڪسٽائل برآمدون بلند ترين سطح تي پهچي ويون.
جولاءِ 2024 کان مارچ 2025 تائين ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي برآمدن ۾ 9.38 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ ٽيڪسٽائل سيڪٽر جون برآمدون هن وقت ساڍا 13 ارب ڊالرن کان وڌي ويون آهن، جيڪا بلند ترين سطح آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي برآمدن ۾ واڌ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ترقي جي سفر ۾ وڌيڪ تيزي لاءِ حڪومتي ٽيم رات ڏينهن محنت ڪري رهي آهي.