شينهن جڏهن به ايندو آهي سڀ ڪجهه کائي ويندو آهي: يوسف رضا گيلاني

حجرا شاهه (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مان ان بيان جي تائيد ڪيان ٿو ته شينهن جڏهن به ايندو آهي سڀ ڪجهه کائي ويندو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، هاري خوشحال هوندو ته ملڪ خوشحال هوندو.
هن چيو ته شينهن جڏهن به ايندو آهي سڀ ڪجهه کائي ويندو آهي، ان بيان جي تائيد ڪيان ٿو، بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کان عليحدگي جو جيڪو بيان ڏنو آهي، اهو ئي پارٽي جو فيصلو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿيون ته پ پ پنجاب ۾ واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.