اسلام آباد يونائيٽيڊ جو ميٿيو شارٽ پي ايس ايل کان ٻاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ جو آسٽريلوي آل رائونڊر ميٿيو شارٽ پي ايس ايل 10 کان ٻاهر ٿي ويو.
اسلام آباد يونائيٽيڊ موجب ميٿيو شارٽ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٿيندڙ انجري سبب ايونٽ تان هٿ کڻي ويو.
اسلام آباد يونائيٽيڊ چيو ته پاڪستان آمد کانپوءِ ميٿيو شارٽ جي انجري مان ريڪوري بهتر هئي پر کيس ٻيهر تڪليف محسوس ٿي، جنهن سبب هن ايونٽ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو.
فرنچائز موجب ميٿيو شارٽ آسٽريليا واپس روانو ٿي ويو آهي ۽ ري هيب ڪرڪيٽ آسٽريليا جي نگراني ۾ ڪندو، سندس صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون.