ڇا پاڪستان جي وحدت سنڌ جي محروميءَ تي قائم آهي؟

Spread the love

مرتضيٰ شاهه

 پاڪستان جي آئين ۾ هر صوبي کي برابري، خودمختياري، وسيلن ۾ حصيداري، ۽ ترقي جا برابر موقعا ڏيڻ جي ضمانت ڏنل آهي. پر افسوس جو مقام آهي ته سنڌ، جيڪا رڳو پاڪستان جي معيشت جو مرڪز ناهي، پر ثقافتي ۽ تهذيبي لحاظ کان به ان جي بنياد آهي، اڄ سڀ کان وڌيڪ محرومي، ناانصافي ۽ استحصال جو شڪار بڻيل آهي.

(1) پاڻي جي غير منصفاڻي ورهاست. سنڌ جي زراعت جو قتل:

سنڌ جي زراعت جو دارومدار درياهه تي آهي، پر سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نٿو ملي. افسوس ته هاڻي ته پنجاب جي چولستان واري علائقي ۾ 6 نيون وڏيون ڪينال (نهرون) ٺاهيون ويون آهن، جن جو مقصد سنڌ جي پاڻيءَ کي اتي منتقل ڪرڻ آهي. اهي منصوبه بنديون ڪراچيءَ کان وٺي ٿر تائين، ۽ سکر کان وٺي ڪنڌڪوٽ تائين، سنڌ جي زرعي، معاشي ۽ ماحولياتي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن.

درياهه سنڌ جو وهڪرو خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويو آهي سنڌ جي هيٺئين علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آهي زراعت، مالداري، ۽ مڇيءَ جو ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي. ٿر، ڪوھستان، ۽ بدين جهڙا علائقا پياس جي مار ۾ آهن، زمين ۾ سيم ۽ ٿور وڌي رهيو آهي زميني پاڻي جي سطح تيزي سان هيٺ وڃي رهي آهي ڇا اهو انصاف آهي ته هڪ صوبي کي زندهه رهڻ لاءِ پاڻي نه ملي، ۽ ٻئي صوبي ۾ نيون آبادڪاريون شروع ڪيون وڃن .

(2) قدرتي وسيلن جي لٽ مار – مال سنڌ جو، فائدو ٻئي جو:

سنڌ مان نڪرندڙ گئس، پيٽرول، ڪوئلو ۽ معدنيات جو فائدو ٻين صوبن کي پيو ملي. جڏهن ته سنڌ جو عوام اڄ به گئس کان وانجهيل آهي، انداهرن ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. وسيلن تي رڳو مالڪ ٿيڻ نه، پر ان مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ فيصلا ڪرڻ به سنڌ جو حق آهي، جيڪو ان کان ڦريو ويو آهي

(3) سنڌ جي زمينن تي قبضا – سڃاڻپ کي مٽائڻ جي ڪوشش: وفاقي ادارا، ريئل اسٽيٽ ماڊلز، ۽ سرمايه دار سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن. مڪاني ماڻھن کان زمينون کسي، ٻاهران آيل ماڻهن کي آباد ڪيو پيو وڃي. هي رڳو زمين جو قبضو ناهي، هي سنڌ جي تهذيب، سڃاڻپ، ۽ خودمختياريءَ تي سڌو حملو آهي.

(4) سنڌي ماڻهن کي آئيني حقن کان محروم رکڻ: سنڌ جا ماڻهو تعليم، روزگار، ٻولي، سڃاڻپ، ۽ ترقيءَ جهڙن بنيادي حقن کان محروم آهن. اهو رڳو اتفاق نه، پر شعوري پاليسي آهي، جيڪا سنڌ کي پوئتي رکڻ لاءِ اختيار ڪئي وئي آهي، جيئن سنڌ ڪڏهن به پنهنجي حقن لاءِ بيهاري نه سگهي.

(5) شعور کان ڊپ – وفاق کي باشعور سنڌ کان خطرو؟:

وفاق ۽ خاص طور تي پنجاب کي خوف آهي ته جيڪڏهن سنڌ باشعور ٿي پئي، جيڪڏهن سنڌ پنهنجا حق ڄاڻي ورتا، ته انهن جي ڏهاڪن کان جاري لٽ مار بند ٿي ويندي. ان ڪري سنڌ کي تعليم کان پري رکيو پيو وڃي، روزگار کان محروم ڪيو پيو وڃي، ۽ حق گو آواز دٻايا پيا وڃن.

نتيجو: سنڌ جاڳي پئي آهي، ۽ هي جاڳڻ هاڻ بند نه ٿيندو! اڄ سنڌ جا باشعور ماڻهو سوال پيا ڪن: ڇا پاڪستان جي وحدت جو مطلب سنڌ جي تباهي آهي؟ ڇا سنڌ کي رڳو وسيلن جي طور تي استعمال ڪيو ويندو؟ ڇا هن ڌرتيءَ جي ماڻهن کي ڪڏهن به پنهنجي وسيلن تي اختيار ملندو؟ اسان اعلان ڪريون ٿا نه رڪبو، نه جهڪبو، نه وڪبـو هي ڌرتي اسانجي آهي، وسيلن تي به حق اسانجو آهي، ۽ فيصلا به اسان ڪنداسين!

اپريل 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو