پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ کيڏڻ ڀارت نه ويندي: محسن نقوي جو اعلان

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال شيڊيول آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ لاءِ ڀارت جو دورو نه ڪندي، ان حوالي سان اڳواٽ ئي معاهدو طئي ٿي چڪو آهي.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڀارت ميزبان آهي، ان کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته ميچ ڪٿي ڪرائڻا آهن، جڏهن ته پاڪستان ڀارت کانسواءِ ڪنهن به ملڪ ۾ کيڏڻ لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته پاڪستان وومينز ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جڏهن ٽيم گڏجي کيڏي ٿي ته نتيجا به هاڪاري اچن ٿا.
هن وومين ڪرڪٽرز کي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهو سندن حق آهي.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته ٽيم ۾ ننڍيون، وڏيون تبديليون ٿينديون رهيون آهن، هاڻي ٽيم هڪ ٽريڪ تي اچي وئي آهي ۽ مردن جي انڊر-19، شاهين ۽ قومي ٽيم مان به اهڙن نتيجن جي اميد رکون ٿا.
قومي ٽيم بابت ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين چيو ته جلد اهم فيصلا ڪيا ويندا.
هن انڪشاف ڪيو ته عاقب جاويد کي عارضي طور تي ذميواري سنڀالڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، جيڪو هڪ عارضي قدم هو، ايندڙ هفتي ان حوالي سان وڌيڪ فيصلو ڪيو ويندو.
هڪ صحافي کائنس پڇيو ويو ته محمد رضوان ڪاوڙيل آهي ۽ پاڻ وٽ اختيار نه هئڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ان بابت اوهان ڇا چوندا ؟ جنهن تي پي سي بي چيئرمين تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

اپريل 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو