مندر ۾ منهنجي پوڄا ڪئي ويندي آهي: اروشي روٽيلا جي انوکي دعويٰ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اروشي روٽيلا پنهنجي منفرد دعويٰ سبب هڪ ڀيرو ٻيهر بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.
تازي انٽرويو ۾ اروشي دعويٰ ڪئي ته اتر کنڊ ۾ منهنجي نالي جو مندر آهي، جيڪڏهن توهان بدري ناٿ وڃو ته ڀرسان ”اروشي مندر“ موجود آهي.
ميزبان کانئس پڇيو ته ڇا ماڻهو اتي دعائون گهرڻ ويندا آهن، جنهن تي اداڪارا کلندي چيو ته مندر آهي ته ائين ئي ڪندا نه.
اروشي اها به دعويٰ ڪئي ته دهلي يونيورسٽي ۾ شاگرد سندس پوڄا ڪندا آهن ۽ سندس تصويرن کي هار پارائيندا آهن.
اداڪارا چيو ته اهي مون کي ”دم دما مائي“ چوندا آهن، مان بلڪل سنجيده آهيان، اهو سچ آهي، ان حوالي سان خبرون به ڇپيون آهن توهان پڙهي ٿا سگهو.
اروشي وڌيڪ چيو ته مان چاهيان ٿي ڏکڻ هند ۾ به منهنجي نالي سان مندر تعمير ٿئي، ڇو ته مان اتان جي علائقائي فلم انڊسٽريز ۾ سرگرم آهيان.