تيز برسات سبب گهر جي ڀت ڪِري پئي، ٻه ڀينرون فوت

Spread the love

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت ڀرسان جگلوٽ ۾ تيز برسات سبب گهر جي ڀِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڀينرون فوت ٿي ويون.
ايس ايس پي گلگت ظهور احمد موجب گلگت کان 40 ڪلو ميٽر پري تعقلي جگلوٽ ڳوٺ پيدن داس ۾ تيز برسات دوران گهر جي ڀت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ۽ 9 ورهين جون ٻه ڀيڻون فوت ٿي ويون.
واضح رهي ته گلگت بلتستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي.

اپريل 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو