فلم ” جاٽ“ سني ديول کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، ڪيس داخل

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم ”’جاٽ“ جي رليز کان رڳو ڪجهه ڏينهن پوءِ ئي فلم جي اهم ڪردارن سني ديول، رنديپ هودا ۽ ونيت ڪمار خلاف قانون حرڪت ۾ اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، فلم ” جاٽ“جي هڪ منظر سبب عيسائي برادري مذهبي جذبا مجروع ڪرڻ تي فلم جي مُک ڪاسٽ خلاف ڪيس داخل ڪرايو.
رپورٽن موجب، جالنڌر پوليس ٻه ڏينهن اڳ فلم جي هدايتڪار گوپي چند ماليني، فلمساز ۽ ٻين اداڪارن خلاف مذهبي جذبا مجروع ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”10 اپريل تي رليز ٿيل فلم ’جاٽ‘ جي هڪ منظر ۾ سموري عيسائي برادري جي مذهبي جذبن کي ڇيهو رسايو ويو آهي.“
تڪراري منظر ۾ رنديپ هودا کي هڪ چرچ جي اندر پاڪ صليب جي هيٺان بيٺل ڏيکاريو ويو آهي، جتي ماڻهو عبادت ۾ رڌل آهن ۽ ان دوران فلم ۾ دهشت، ڌمڪين ۽ بي ادبي جا منظر ڏيکاريا ويا آهن، جن کي عيسائي برادري طرفان توهين جوڳو قرار ڏنو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ الزام هنيو ويو آهي ته هدايتڪار، ليکڪ ۽ پروڊيوسر ڄاڻي واڻي فلم کي ’گُڊ فراءِ ڊي‘ ۽ ’ايسٽر‘ جي مهيني دوران رليز ڪيو ته جيئن عيسائي برادري ناراض ٿئي ۽ ملڪ وڳوڙن ۽ بدامني جي ور چڙهي وڃي.
ياد رهي ته سني ديول جي ايڪشن فلم ” جاٽ “ ۾ رنديپ هودا ولن جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته فلم جي بي ڪاسٽ ۾ ونيت ڪمار سنگهه، سيامي کير، ريجينا ڪيسيندرا، پرشانت بَجاج، زرينا وهاب ۽ جگپتي بابو شامل آهن.
فلم هندي، تامل ۽ تيلگو ٻولين ۾ رليز ڪئي وئي هئي، جنهن رليز جي پهرئين هفتي دوران باڪس آفيس تي 32 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪيو آهي.

اپريل 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو